دهشتگردن کي نه مان معاف ڪندس نه قوم معاف ڪندي: بلاول ڀٽو زرداري
دادو/ خيرپور ناٿن شاھه/ميهڙ(نمائندن وٽان) دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) پ پ پ چيئرمين ۽ وفاقي وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري تعلقي ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ۽ اڳوڻو وفاقي وزير حاجي ظفرعلي لغاري جي وفات تي سندس وارثن پٽ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفرلغاري، ڊاڪٽر اسدخان لغاري، ڀاء رئيس قمبرعلي خان لغاري سان “لغاري هائوس” سيتاروڊ ۾ تعزيت ڪئي، ساڻس سان گڏ ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سيد ناصر شاهه، عاجز ڌامراهه، فياض علي ٻٽ، ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، ايم اين اي عرفان ظفرلغري، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو، قمبرخان لغاري، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، ايم پي اي سجيلا لغاري پڻ گڏ هئا،ڳوٺ ظفرآباد ۾ وزير خارجه کي ايم پي اي دادو پير مجيب الحق دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباھ ڪارين ۽ بحالي بابت بريفنگ ڏني، ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ پ چيئرمين ۽ وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته برساتن ۽ ٻوڏن سبب ملڪ معاشي طور تي ڪمزور ٿي رهيو آهي، متاثرن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاء ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهن جا گهر ڊهي ويا کين خيمن ۾ پناهه ڏني آهي، هاڻي کين گهرن جي تعميرات لاء تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن، متاثرن خاندان کي امدادي رقم ڏيڻ سان گڏ کين بنا وياج تي قرض به ڏنو ويندو جنهن سان هو پنهنجو بهتر نموني سان ڪاروهنوار هلائي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن، هن چيو ته آئنده جي مون سون ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاء ڪينالن ۽ بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، جنهن سان علائقي واسي ٻيهر متاثر ٿي نه سگهن، 2022 جي برساتن سڄي ملڪ کي نقصان ڏنو، جڏهن ملڪ تي مشڪل وقت آيو ته مخالفن لانگ مارچ جو سلسلو شروع ڪيو، ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ بدارن هنن پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان پنهنجن ماڻهن کي هرممڪن مدد ڪري رهيا آهيون کين ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نٿ ڇڏي سگهون.
جنوري 4, 2023