پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بنائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي: فريال ٽالپر

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي  گهرو کاتي بابت قائمہ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بنائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان بيت المال پاران منعقد ڪيل ڪنوينشن  کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪنوينشن ۾ نئين پروگرام OWSP جي تحت يتيم ڇوڪرين جي 100 خاندانن جي مالي معاونت ڪئي وئي. فريال ٽالپر پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران فرسٽ ويمن بينڪ، ويمن پوليس اسٽيشن کان وٺي ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام جو حوالو ڏنو، جن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين ۽ ٻئي حڪومت دور ۾ متعارف ڪيو ويو هو ۽ جيڪي اڄ به ڪاميابي سان جاري آهن فريال ٽالپر چيو ته هاڻي تازو ئي سنڌ حڪومت پاران عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ بي زمين هاري عورتن کي 25 ايڪڙ زمين جا مالڪاڻه حق ڏيڻ وارو قدم کنيو ويو آهي. هن چيو ته صرف تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي مستحڪم عورتون ئي برابر ۽ بااختيار ٿي سگهن ٿيون. فريال ٽالپر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي هڪ ٻئي قدم ويمن آن وهيلز جو پڻ ذڪر ڪيو، جنهن جي شروعات ڪراچي مان ڪيو ويو ، ۽ جيڪو هاڻي هڪ قومي سطح جي پروگرام جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ڄاڻايل پروگرام نوجوان ڇوڪرين ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول آهي،  هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران عورتن لاءِ هڪ ٻيو قدم پنڪ ٽيڪسي جي شڪل ۾ ڪراچي ۾ جلد شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو بعد ۾ صوبي جي ٻين حصن ۾ به شروع ڪيو ويندو. فريال ٽالپر اسلام آباد ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سوئيٽ هومز جي قدم کي موثر طريقي سان هلائڻ ۽ ان جي معاملن۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي زمرد خان جي ڪردار کي پڻ سرهايو. هن چيو ته ميڊيا ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي سنڌ ۾ شهيد بينظير آباد ۾ قائم سوئيٽ هوم جو دورو ڪرڻ گهرجي، جتي هن پاڻ ذاتي طور تي به هر ممڪن سهڪار جي ڪوشش ڪئي. سڀني لاءِ برابر جا حق واري پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اسلام مساوات جي تلقين ۽ درس ڏيندو آهي، جيڪي پارٽي جي آئين ۾ پڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هيمشه سمورن شهرين جي برابر حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، جدوجهد ڪئي آهي ۽ غريب ۽ پيڙهيل ماڻهن جي مدد ڪئي آهي تقريب جي دوران فريال ٽالپر پاڪستان بيت المال پاران بيواهن ۾ سلائي مشينون پڻ ورهايون. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر عامر فدا پراچه چيو ته هي خاص پروگرام بيواهن لاءِ شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن جي ٻارڙن جي ڪفالت لاءِ هر ڇوڪري کي 8 هزار روپيا ۽ ٻن ڇوڪرين کي 12 هزار روپيا وظيفو ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. هن چيو ته اڳوڻي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران ذاتي طور سوئيٽ هومز جي ان قدم جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار کي سرهايو. هن وڌيڪ چيو ته ھن جي درخواست تي صدر آصف علي زرداري تازو ئي کين سوئيٽ هومز ۾ يتيم ٻارن لاءِ 1000 شوز ۽ يونيفارم فراهم ڪيا آهن. تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر وقار مهدي پڻ خطاب ڪيو، جن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي جماعت ملڪ ۾ عورتن جي حقن ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ ٺوس ۽ قابل تحسين ڪم ناهي ڪيو جيئن  پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين ڪيو آهي. ڪنوينشن ۾ ايم اين اي شاهده رحماني، صوبائي وزير محنت سعيد غني، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سهيل انور سيال، قاسم سراج سومرو ۽ سعديه جاويد پڻ شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ پاڪستان بيت المال جي حقدار عورتن، انھن جي خاندانن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 

جنوري 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو