اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نھ ٿيون، شھرين جو احتجاج، حڪومت پاران انٽرا ڪورٽ اپيل داخل

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ شيڊول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو سنگل بئنچ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ ميان اسلم ۽ تحريڪ انصاف جي علي نواز اعواڻ کي ڌر بڻايو ويو آهي. اليڪشن  ڪميشن جي اپيل تي رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي ڇڏيو. ذريعن موجب اپيل ۾ ڪجهه دستاويز گهٽ آهن. اليڪشن جي قانوني ٽيم اعتراض ختم ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دُگل به اپيل داخل ڪئي. ياد رهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿيڻيون هيون. جنهن کي اليڪشن ڪميشن اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو. پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي چونڊون اڄ ڇنڇر تي ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود شهر ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ شروع نه ٿي سگهي. ٻئي پاسي اسلام آباد جا شهري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهچي ويا، پولنگ اسٽيشن بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم جي باوجود اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت اڄ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائي سگهي. ٻئي طرف عدالت جو حڪم ٻڌي شهرين جو وڏو انگ مقرر وقت تي پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر پهچي ويو، پر ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو مرحلو ئي نه آيو. عدالتي فيصلي جو ٻڌي ووٽرز جو وڏو انگ صبح 8 وڳي قطارون لڳائي پولنگ اسٽيشن ٻاهران بيهي رهيو پر اليڪشن ڪميشن جو عملو، سيڪيورٽي ۽ پولنگ اسٽيشن جا دروازا بند ڏسي شهرين حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان اڄ صبح 8 وڳي کان هتي پهتل آهيون، اميد هئي ته عملو ايندو ۽ اسان جو ووٽ ڪاسٽ ٿي ويندو. عوام حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو ته نه حڪومت چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي نه ئي وري اليڪشن ڪميشن. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن عدالت جي حڪم تي رات جو ئي انتظام ڪري ڇڏي ها ته اسان تڪليف کان بچي وڃون ها. ووٽرز وڌيڪ چيو ته صبح جو سوير اٿي ٻارن کي ڇڏي ووٽ وجهڻ لاءِ هتي آيا آهيون. اسان ميڊيا تي پنهنجي شهر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو ٻڌو هو، پر پولنگ اسٽيشنن تي اچي خبر پئي ته هتي ته چونڊون ئي نه پيون ٿين جنهن کان پوءِ اسان مايوس ٿي واپس موٽي رهيا آهيون. ياد رهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جو فيصلو وفاقي حڪومت چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان به انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جنوري 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو