پي ٽي آءِ وفد قومي اسيمبليءَ ۾ پھتو، اسپيڪر پاران اجتمائي استعيفائن جي منظوري کان کتو جواب

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وفد ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر وچ ۾ ملاقات بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجتماعي استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان اجتماعي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائن جي تصديق جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجو موقف ٻڌائڻ سان گڏ مطالبا لکت ۾ پيش ڪيا. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پي ٽي آءِ جي وفد ۾ شامل اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، پي ٽي آءِ چيف وهپ عامر ڊوگر، اڳوڻي مملڪتي وزير ڊاڪٽر شبير قريشي، فهيم خان، عطاءُالله، امجد خان نيازي، طاهر اقبال، زاهد اڪرم دراني ۽ ٻين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن قومي اسيمبلي مان استعيفائن جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا. سياستدانن وچ ۾ رابطا هجڻ گهرجن. استعيفائن جي تصديق جي حوالي سان پاڪستان جي آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن موجب فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته استعيفائن جي لاءِ سمورن ميمبرن کي انفرادي طور تي گهرايو ويندو. اڳ به پي ٽي آءِ ميمبرن کي استعيفائن جي تصديق جي حوالي سان گهرايو ويو هو. پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان هڪ اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ جي منظوري روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر کي مطالبا لکت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان اجتماعي استعيفيٰ ڏنا آهن ته جيئن ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ رستو سڌو ٿي سگهي. اسان ڪنهن جي تفريح لاءِ استعيفيٰ ناهن ڏنا جو هڪ هڪ ڪري گهرايو وڃي. پي ٽي آءِ جي وفد ڳالهيون ڪندي چيو ته اڳ به 11 استعيفيٰ غير آئيني طريقي سان منظور ڪيا ويا. جاويد هاشمي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ استعيفائن جي منظوري بابت واضح ڪري چڪي آهي. استعيفائون قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر منظور ڪري چڪو آهي. هاڻ استعيفائن جي تصديق جو عمل ناهي معاملو هاڻ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻ جو آهي. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قائون ۽ آئين موجب قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائون ڏئي چڪا آهيون. اسپيڪر قانون موجب اسان جون استعيفائون منظور ڪري. موجوده اسيمبلي وٽ مينڊيٽ به نه آهي جيڪو عوامي مسئلن جي حل ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته گڏ ٿي اسپيڪر جي چيمبر ۾ وينداسين ۽ اسپيڪر آڏو پنهنجا مطالبا رکنداسين. هن چيو ته اسپيڪر سان سمورا استعيفيٰ گڏ منظور ڪرڻ جون ڳالهيون ڪنداسين. جڏهن هن 11 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون ان وقت قانون صحيح هو، سمورن ميمبرن پنهنجي مرضي سان استعيفائون ڏنيون آهن. اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي وفد وچ ۾ ملاقات بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجتماعي استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته معاملو قانون موجب ڏٺو ويندو.

ڊسمبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو