عالمي بينڪ سنڌ ۾ٻوڏ دوران ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ شڪيل نائچ) پاڪ فوج جي اختيارين ضلعي سانگھڙ جي تعلقي سنجھوري جي ديھ ڪڙيچان چڪ 22 ۾ سم نالي جي صفائي لاءِ آبپاشي عملدارن کي درخواست ڪئي آهي اعلي فوجي اختيارين پاران چيف انجنيئر ڊولپمينٽ 2 حيدرآباد، آبپاشي سيڪريٽري، ايم ڊي سيڊا ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايل بي او ڊي کي ھڪ خط لکيو آهي ته اھا آگاھي ڏني پئي وڃي ته ديھ ڪڙيچان چڪ نمبر 22 تعلقي سنجھوري ضلعي سانگھڙ ۾ بچاء واري وزارت جي 9580 ايڪڙ زمين فوجي اختيارين پاران فوجي خاندانن کي الاٽ ٿيل آهي ھاڻ اھا زمين شھيدن، جنگن ۾ زخمي ٿيلن ۽ نوڪري دوران مري ويل فوجين جي خاندانن کي الاٽ ڪئي ويندي ان با ت آگاھ ٿو ڪجي ته ان زمين تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ھاڻوڪي تباھي آڻيندڙ بارشن ۾ سم نالا شديد متاثر ٿيا آهن ۽ فصل جي پوک ڏکي ٿي پئي آهي ڇاڪاڻ ته سم نالن ۾ مٽي ڀرجي وئي آهي ان سان ھر ھنڌ روڻيون پوڻ شروع ٿي ويو آهي ان سان پاڻي پيو وھي جنھن سان بھتر تيار ٿيل زمين خراب پئي ٿئي ان ڪري گذارش ڪئي پئي وڃي ايڪسڪاويٽر مشين لاءِ زمين موجود آهي ان ڪري سم نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ته سم نالن ۾ پيدا ٿيل گاھ به ختم ٿئي ۽ سم نالا زمينن کي پاڻي فراھم ڪري سگھن.

ڊسمبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو