آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ۾ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪرم ضلعي ۾ مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.هن چيو ته شهيد جوانن قوم لاءِ پنهنجي حياتي ڏني، انهن جي قرباني کي نه وسارينداسين، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اسان جي جنگ جاري رهندي.

ڊسمبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو