27 ڊسمبر عوام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو نه وسارڻ جوڳو ڏينهن آهي: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ميان شهباز شريف چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي، بينظير عوام جي حقن لاءِ شهادت ماڻي. 27 ڊسمبر 2007 جو ڪارو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو نه وسارڻ جوڳو ڏينهن آهي. شهيد بينظير ڀتو جي ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سموري عمر جدوجهد جي نه وسرڻ جوڳي داستان آهي. ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي بالادستي ۽ آمريت خلاف سندس بي خوف تحريڪ سنهري باب آهي. شهباز شريف چيو ته شهيد بينظير ڀٽو دهشتگردي خلاف جرئتمنداڻو ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو، ادارن جي مضبوطي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ هن بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو سميت سندس گهر ڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سمورن چاهيندڙن سان تعزيت ڪريون ٿا. رب پاڪ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ سندن گهر ڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.

ڊسمبر 28, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو