شهيد بينظير ڀٽو جي مشن جي حوالي سان ننڊ ۾ به غفلت نٿو ڪري سگهان: آصف زرداري
ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي مشن جي حوالي سان ننڊ ۾ به غفلت نٿو ڪري سگهان. هن آئين ۽ جمهوريت خاطر تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته سياست ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳيان وڌايو ويندو. محترمه آئين ۽ جمهوريت جي ڪري تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. محترمه گهڻين ڏکيائين باوجود جمهوريت لاءِ مزاحمت جاري رکي. آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو وحشي ۽ سفاڪ آمرن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، جمهوريت جو تسلسل شهيد بينظير ڀٽو جو خوبصورت خواب هو. الحمدالله مون اهو خواب پورو ڪيو آهي. هاڻوڪيون اسيمبليون به پنهنجو مدو پورو ڪنديون. شهيد راڻي صبر ۽ برداشت جي علامت هئي، بينظير ڀٽو جو فلسفو اڄ به منهنجي رهنمائي ڪري ٿو.
ڊسمبر 28, 2022