اسان مشرف وانگر سليڪٽڊ کي به کير مان مک جيان ڪڍيو: بلاول

Spread the love

لاڙڪاڻو/ نئون ديرو  (رپورٽر) 

لاڙڪاڻو جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 15 سال گذري چڪا آهن جڏهن کان اوهين بي بي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اوهان کان کسي شهيد ڪيو ويو، آءُ پيپلز پارٽي جي سمورن جيالن ۽ ملڪ جي سمورن سياسي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪري دنيا ۽ ان سوچ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو جيڪي سمجهي رهيا هئا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ان جي جماعت جي سفر کي روڪيندا، آءُ ان سوچ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو  اچي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿورو نظر ڊوڙائي هتي 15 ورهين کان پوءِ به انسانن جو مجموعو ۽ سمنڊ گڏ آهي، هتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا، ڀائر، ڀينر ۽ سياسي ڪارڪن اڄ به هتي موجود آهن، توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان کسيو آهي پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀائرن، ساٿين ۽ ڀينرن سان وفاداري ڏيکاري آهي ته 15 سالن کان پوءِ عوام ۽ سياسي ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي وساريو ناهي ۽ اڄ به اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي فلسفي، سوچ  ۽ منشور تي هلون ٿا ۽ اڄ به اسان جو چوڻ آهي ته اڄ به بي بي ڀٽو زندهه آهي ۽ ڪالهه به بي بي ۽ ڀٽو زندهه هئا، اسان پڇا ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪهڙو گناهه ۽ قصور هو جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ان جو گناهه اِهو هو ته هوءَ هڪ محب وطن پاڪستاني هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر عالمي دنيا جي ليڊر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي پوري مسلم امه جي فخر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو غريبن جي آواز هئي، مظلومن جي نمائنده هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي علمبردار هئي، آمرن جي لاءِ خوف جي بنياد هئي، انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي، اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو هئي. اها دلير قائد هئي ۽ هوءَ موت جي اکين ۾ اکيون ملائي 30 سالن تائين جدوجهد ڪندي رهي پر پنهنجي عوام، ڪارڪنن ۽ ساٿين کي هڪ ڏينهن به لاوارث نه ڇڏيائين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو معاشي انصاف چاهيندي هئي جيئن عام ماڻهو عزت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، هوءَ سڀني جي لاءِ هڪ پاڪستان ۽ برابري تي يقين رکندي هئي، ڪجهه سياستدانن ملڪ ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ جي بنياد تي سياست ڪندا آهن پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو يڪجهتي تي يقين رکندي ۽ ملڪ جوڙي سياست ڪندي هئي، اسين ان ڪري چوندا آهيون ته چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير، هوءَ پوري دنيا جي ليڊر هئي، هوءَ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڏسڻ نه چاهيندي هئي، پاڪستان کي پوري دنيا سان گڏ ملائي پاڪستان جي ترقي ڏسڻ چاهيندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن آمريڪا ويندي هئي ته اتي سندس پورو پارليامينٽيرين آمريڪا جي پارليامينٽ ۾ گڏ ٿي جلسو ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تقرير ٻڌندا هئا اڄڪلهه کان اسان کان اڳ هو سليڪٽيڊ ويندو هو ۽ هو پنهنجي ڪارڪنن کي گڏ ڪري تقرير ڪندو هو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پهچندي هئي ته ان ملڪ جي پوري قيادت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ايندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اهڙي ليڊر هئي جنهن کي مستقبل جو پرڏيهي وزير چوندي هئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن قطار ۾ بيهي انتظار ڪندي هئي، هي اها ليڊر هئي جنهن کي توهان شهيد ڪيو ۽ جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو چين ويندي هئي ۽ پوري چين ڄاڻندو هو ته هي شهيد ڀٽو ۽ مائرن ۽ ڀينرن جي ڌيءَ آهي ۽ اهڙي طريقي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عزت ڏيندا هئا ۽ جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو عرب ۽ مسلمان ملڪن ۾ ويندي هئي ته اهي سڀ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي ڌيءَ سمجهي عزت ڏيندا هئا، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو يورپ ۽ يوڪي پهچندي هئي ته اتي پوري دنيا چوندي هئي ته هي پاڪستان جي نمائنده ۽ عورتن جي نمائنده آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري پوري ملڪ کي عزت ڏيندا هئا. ان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته دهشتگردي ۽ آمريت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت جو مقابلو ڪندي هئي اوتري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي، آمريت بندوق جي زور تي اوهان جا حق هڙپ ڪندي آهي ۽ دهشگرد خوف جو ماحول ڦهلائي توهان جا حق عضب ڪندا آهن، انتهاپسند ڪڏهن مذهب ۽ انتها قومپرستي کي استعمال ڪندا آهن اوهان کي غلام بڻائڻ لاءِ مختلف قومن کي بدنام ڪري عوام کي حراسان ڪيو ويندو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو نفرت جي سياست نه پر اميد جي سياست تي يقين رکندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪوڙ نه پر سچ جي سياست تي يقين رکندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ورهائڻ نه پر يڪجهتي جي سياست تي يقين رکندي هئي، هيءَ شهيد…

ڊسمبر 28, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو