هيپي برٿ ڊي قائد

Spread the love

قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش جو ڏينھن اڄ سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. سجاڳ ۽ باشعور قومون پنهنجي تاريخ ۽ محسنن کي ھميشه ياد رکندي آھي. قائد اعظم محمد علي جناح اڄوڪي تاريخ تي هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ پنهنجي غيرمعمولي صلاحيتن جي ڪري هڪ عظيم ملڪ جو باني بڻيو. جناح چاھي ها ته لنڊن جھڙي شھر ۾ وڪالت جي شعبي سان وابستا رھي ڪري هڪ عاليشان زندگي گذاري پئي سگھيو پر هن پنهنجي ذاتي ترقي ۽ آسائش کي قوم جي آزادي ۽ آجپي لاءِ قربان ڪيو. آل انڊيا مسلم ليگ جھڙي اسلامي نظرئي جي پرچارڪ تنظيم جو حصو ٿي هن عملي طور سياست کي وطن ۽ قوم جي لاءِ وقف ڪيو. سندس بي لوث جدوجھد ۽ بهترين قيادت واري صلاحيت کيس جلد ئي نمايان مقام ڏنو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي خداداد صلاحيتن سبب دنيا جي نقشي تي هڪ عظيم مملڪت جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس ان ڪاميابي تي سندس ساٿين ۽ دوستن ته ڇا پر مخالفن به کيس جس ڏنو. سندس تقريرون قوم لاءِ سونھون جو درجو رکن ٿيون. محمد علي جناح پنهنجي جدوجھد وسيلي آزادي حاصل ڪري اسان کي پاڪستان جھڙي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو. هاڻي اها اسان جي ذميواري آھي ته ان تحفي جو قدر ڪيون ۽ قائد اعظم جي ڏسيل واٽ تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيون. قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته ملڪ آزاد ٿيڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪا منزل ملي وئي پر حقيقي منزل ماڻڻ لاءِ ڪم ڪم ۽ صرف ڪم ڪرڻو پوندو. سندس اها سوچ سماج جي هر فرد لاءِ ھئي جڏھن هر پاڪستاني ڪم ڪم ۽ ڪم ڪندو ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪندو ته هڪ ملڪ خوشحال ٿيندو ۽ ٻيو ته اسان عظيم قوم بڻجي سگھون ٿا. اڄ جو ڏينھن اها تقاضا ٿو ڪري ته پنهنجي عظيم قائد ۽ محسن ليڊر کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ ان وچن جو ورجاءُ به ڪجي ته عظيم ۽ خودمختيار قوم بڻجڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آھي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي سوچ تحت آزادي جي اصل مفھوم کي اپنائيندي ملڪ اندر آئيني انساني ۽ اخلاقي قدرن توڙي حقن جي حاصلات کي يقيني بڻائي سگھجي.

ڊسمبر 25, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو