محمود خان به عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جو اسيمبليون ٽوڙڻ وارو اعلان رڳو اعلان ئي رهيو ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان به عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ سياسي جماعت نه پر ڊراما ڪندڙ ٽولو آهي، اهي قومي اسيمبلي اسپيڪر سامهون به پيش نه ٿيا، ڪي پي ۾ ته انهن کي ڪنهن نه روڪيو،اتي اسيمبلي ڇو نه ٽٽي؟ محمود خان به عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته عمران خان بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين سان ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، هو ملڪ تي عمراني ڊاڪٽرائن مڙهڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال چاهي ٿي، عمران خان نٿو چاهي ته ملڪي معيشت اڳتي وڌي، عمران خان جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ٿئي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال سنگين آهي، ڪي پي جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٿاڻا به محفوظ ناهن.
ڊسمبر 25, 2022