اهلڪارن رت جو نذرانو ڏئي دهشتگردن کي روڪيو، قوم بهادرن کي سلام پيش ڪري ٿي: شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي دهشتگردن کي روڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي علائقي آءِ ٽي فور ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي گهرو وزير ۽ آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ شهيد پوليس اهلڪار کي پيڪيج ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. هن اسلام آباد پوليس جي شهيد اهلڪار عديل حسين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي دهشتگردن کي روڪيو، قوم پنهنجي بهادرن کي سلام پيش ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي سان بي ڏوهن جو رت وهائڻ جو منصوبو ناڪام ٿيو، عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي فورسز سان ڀرپور سهڪار ڪري.

ڊسمبر 24, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو