اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو حتمي آهي، عمران خان جي فيصلي تي عمل ٿيندو: پرويز الاھي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جو عهدي تي بحاليءَ کانپوءِ ردعمل سامهون اچي ويو. پنهنجي بيان ۾ پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب جي عوام کيمبارڪ هجي، عدالت گورنر طرفان آئين ٽوڙڻ جو رستو روڪي ڇڏيو، سليڪٽڊ حڪومت 58 ٽو بي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جو رستو روڪيو ويو. هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو حتمي آهي، عمران خان جي فيصلي تي عمل ٿيندو، گورنر خلاف صوبائي اسيمبلي ۾ ٺهراءَ اهميت رکي ٿو، ٺهراءَ جي روشني ۾ گورنر خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، گورنر کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي.

ڊسمبر 24, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو