سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعليٰ سنڌ ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪالڪرڻ واري عمل جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن، آبپاشي کاتو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ضلعي انتظاميا متاثر ٿيل علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪڻڪ جي پوکي ڪندڙ هارين کي في ايڪڙ 5000 هزار روپيا ڏيڻ لاءِ سروي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، زراعت  ۽ روينيو کاتن جي 4048 ٽيمون تپي جي سطح تي سروي جو ڪم ڪري رهيون آهن، صوبي جي علائقن ۾ سروي لاءِ تپي سطح تي ٽيمون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته عالمي بينڪ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ گذريل ڏينهن 1.692 ارب ڊالرن جي پروجيڪٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٽن پروجيڪٽس ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، گهرن جي تعمير ۽ متاثر ٿيل فصلن جي بحالي شامل آهي، جڏهن ته ٻه پروجيڪٽس سنڌ ۾ سوشل پروٽيڪشن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت، وزيراعليٰ سنڌ، ضلعي انتظاميا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي عزم ڪيو آهي ته ٻوڏ آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي  تائين امدادي سرگرميون جاري رکيون وينديون، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت خاص طور چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جو ڪيس عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان کڻي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موسيماتي انصاف جي تحت گڏيل قومن فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.

ڊسمبر 22, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو