سنڌ جي 18 تعلقن ۾ استادن جون سيٽون موجود آهن پر اميدوار ناهن: سردار شاهه

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 65 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجڻ واري رپورٽ غلط آهي، هن وقت به 4 هزار کان وڌيڪ اسڪول بنا عمارتن جي هلن پيا. صوبائي وزير چيو ته عالمي بئنڪ جي سروي موجب اسڪولن جي مرمت لاءِ 139 ارب رپيا گهربل آهن، نصاب ۾ سڌارا آڻي نوان سبجيڪٽس متعارف ڪيا آهن. سردار شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو استادن جي رڪارڊ ڀرتي آهي،اڃا به 18 تعلقا اهڙا آهن، جتي سيٽون موجود آهن، پر اميدوارن ناهن. هن چيو ته  ايندڙ مهيني 18 تعلقن ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ورتي ويندي، سنڌ ۾ بند ٿيل 6 هزار 4 سئو 67 اسڪولن مان 4 هزار 4 سئو 16 اسڪول کوليا آهن، خواجا سرائن جي اسڪولن ۾ داخلا لاءِ ٽرانس جينڊر پاليسي جوڙي پئي وڃي

ڊسمبر 21, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو