سنڌ حڪومت ۽ اي اين ايف جو ڪراچي ۾ 2 منشيات بحالي جا سينٽر هلائڻ جو معاهدو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ اين ايف اي جي وچ ڪراچي ۾ منشيات بحالي جا 2 ادارا هلائڻ جي بابت معاهدي تي صححيون ڪيون ويون. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير ساجد جوکيو ۽ بريگيڊيئر وقار رضوي جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل انور حسين معاهدي تي صحجي تحت منگھوپير ۽ ملير ۾ منشيات بحالي جا 2 سينٽر هلايا ويندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت فنڊ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪندي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ سينٽر پوري سنڌ ۾ قائم ڪيا ويندا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت هي ادارا هلايا ويندا. اها ڳالهه هن اڄ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ سينٽر ٺاهڻ جي سلسلي ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايجوڪيشن اسڪول جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، سماجي ڀلائي کاتي جي سيڪريٽري شيرين مصطفيٰ، ڊي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اسد ضامن سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي جا سينٽر ٺاهيا ويندا جن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت هلايو ويندو. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته سنڌ حڪومت فنڊز، عمارت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪندي جڏهن ته پرائيويٽ ادارا مينيجمينٽ سنڀاليندي. ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت وڌيڪ چيو ته نجي منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جي ادارن کي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ذريعي ريگيوليٽ ڪيو ويندو ته جيئن هي خانگي ادارا پابند هجن ته هو عالمي سطح تي جو علاج ۽ فني تربيت فراهم ڪن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ پارٽنرشپ اسد ضامن کي هدايت ڪئي ڪندي چيو ته هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان تمام ضروري پراسيس کي مڪمل ڪن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ايندڙ پاليسي بورڊ جي اجلاس مان منظوري وٺن. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي منشيات جي بابت مهم هلائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اي اين ايف سان گڏ 2 بحالي سينٽر شروع ڪري رهيا آهيون، جلد اي اين ايف ۽ سنڌ حڪومت پاران صوبي جي ٻين شهرن ۾ به هي سينٽرز شروع ڪيا ويندا. اجلاس ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس صوبي ۾ ٻين ادارن سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙ جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، صوبي جي سمورن ايس ايس پيز کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ضلعي جي ايس ايس پي کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي تي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هڪ سينيئر آفيسر جي خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
ڊسمبر 20, 2022