پيپلزپارٽي پاران مودي جي انتهاپسند سرڪار خلاف ۽ بلاول جي حمايت ۾ ريليون

Spread the love

ڪراچي (نمائندن وٽان) پيپلزپارٽي پاران مودي جي انتهاپسند سرڪار خلاف ۽ بلاول جي حمايت ۾ ريليون، ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني، جاويد ناگوري ۽ وقار مهدي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب وٽ ريلي ڪڍي وئي. حيدرآباد ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏني وئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڀارتي سرڪار ۽ نريندر مودي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. خيرپور ۾ جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين پاران شرڪت ڪئي وئي، ڀارتي سرڪار جي انتهاپسندي ۽ ڀارت ۾ بلاول خلاف ٿيل مظاهرن جي مذمت ڪئي وئي. ٺٽي ۾ رڪشا اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، صادق ميمڻ، ايم پي رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي شرڪت، جاتي، سانگهڙ ۽ ٽنڊو ڄام ۾ به پيپلزپارٽي پاران ريليون ڪڍيون ويون

ڊسمبر 19, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو