23 ڊسمبر تي عمران خان آخري تير هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. عمران خان لاهور سميت مختلف شھرن ۾ وڊيولنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو. سندس خطاب دوران وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاھي ۽ وزيراعليٰ ڪي پي ڪي محمود خان ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل هئا. پنهنجي خطاب دوران عمران خان حڪومت کان وڌيڪ اڳوڻي آرمي چيف قمر باجوه کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته حڪومت آڪٽوبر 2023 ۾ به اليڪشن نه ڪرائيندي ڇاڪاڻ ته چيف اليڪشن ڪمشنر کين ٻڌائيندو ته اليڪشن کي ڪھڙي ريت تاخير جو شڪار ڪري سگهجي ٿو. عمران خان چيو ته سندس حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار هڪ ئي شخص جنرل باجوه آھي پر ان وقت هو آرمي چيف هو تنهن ڪري سندس خلاف ڳالھائي نه سگھيس. اسان مٿان اھڙو ظلم ته پرويز مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو جھڙو باجوه ڪيو. عمران خان چيو ته جڏھن مان وزيراعظم هوس ته منهنجي گھر جو فون ٽيپ ڪيو ويو ھاڻي اھي آڊيو ليڪ ڪيون پيون وڃن. اڳوڻي وزيراعظم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون 23 ڊسمبر تي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ملڪ ۾ ھڪ هفتي ميڊيا کي ٽاڪ شوز لاءِ موضوع ڏئي ڇڏيو آھي. اسيمبليون ٽوڙڻ آئيني معاملو آھي ان تي صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ راند شروع ٿي ويندي ۽ ٻنھي صوبن جا گورنر ڪجھ ڏينھن ۾ ڊسڪس ۾ ايندا. پنجاب ۾ ته اپوزيشن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جون رٿون جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻنھي صوبن جي وڏن وزيرن خلاف به بي اعتمادي رٿون جمع ٿي وڃن. لڳي ٿو ته عمران خان به صرف معاملو اعلان جي حد تائين رکيو آھي نه ته ڀلا 23 ڊسمبر جي تاريخ ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي پر عمران خان ۽ سندس وڏا وزير اپوزيشن کي ٽائيم ڏيڻ چاھين ٿا ته جلدي بي اعتمادي رٿون جمع ڪرائي ڇڏين ڇو ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ آئيني طور اسيمبليون نٿيون ٽوڙي سگھجن. هاڻي عمران خان جي اعلان کانپوءِ وفاقي حڪومت جي حڪمت عملي جو انتظار هوندو ته اها ان جو جواب ڪھڙي ريت ڏئي ٿي. عمران خان کي سندس اتحادين ۽ پارٽي جي اڳواڻن اهو باور ڪرائي ورتو آھي ته اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته پنهنجو ئي نقصان ٿيندو تنهن ڪري هن هڪ هفتي جو وقت وچ ۾ رکيو آھي. عمران خان وٽ اھو آخري موقعو ۽ ھٿيار آھيڀجيڪو

ڊسمبر 18, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو