16 ڊسمبر اسان کي زندگي جي سڀ کان ڏکوئيندڙ سانحي جي ياد ڏياري ٿو: شرجيل انعام ميمڻ

Spread the love

ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 16 ڊسمبر آرمي پبلڪ اسڪول جي افسوسناڪ واقعي جي ورسي جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته 16 ڊسمبر اسان کي اسان جي زندگي جو سڀ کان وڏي ڏکوئيندڙ سانحي جي ياد ڏياري ٿو ، جڏهن اسان جي گل جهڙن معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪئي وئي. پوري قوم اڄ به  آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ڏک ۽ اذيت کي محسوس ڪري ٿي ، صوبائي وزير چيو ته سنگدل دشمن ننڍڙن فرشتن جي خلاف بربريت ۽ وحشياڻي ڪارروائي ڪئي، ھن چيو تہ افسوسناڪ واقعي ۾ شهادت جو مرتبو حاصل ڪرڻ وارا شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد اسان جا قومي هيرو آهن، هن چيو ته والدين جي همت کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ، ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا. هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ  قوم ھڪ ٿي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، پاڪستان قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. صوبائي وزير چيو ته دنيا دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪاوشن کي تسليم ڪري. دنيا کي دهشتگردي کان محفوظ بنائڻ لاءِ پاڪستانين ۽ پاڪستان جي فوج سڀ کان اڳتي رهي آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نفرتون، ڏڦيڙ ۽ تعصب پکيڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن پاڪستان دشمن عنصرن جي خلاف قوم متحد آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي هيمشه دهشتگردي جي خلاف واضح موقف رکيو آهي، هر فورم تي دهشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪئي ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ به ضرورت آهي ته نيشنل ايڪشن پلان  تي جي سمورن نڪتن تي عملدرآمد ڪيو وڃي.  

ڊسمبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو