تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي کانپوءِ مھانگائي تي ضابطو لازم ٿيڻ گهرجي
موجوده حڪومت ڪافي وقت تائين تيل جي قيمتن کي هڪ ئي جاءِ تي فريز رکڻ کانپوءِ 10 رپين جي گھٽتائي ڪئي وئي آھي. مهانگائي جي ماريل عوام کي ٿورو سک جو ساھ کڻڻ جو موقعو ضرور مليو آھي. عالمي منڊي ۾ مسلسل قيمتن ۾ گھٽتائي ٿي رهي پر ڪجھ عالمي ادارن سان معاھدن جي ڪري حڪومت ٻڏتر جو شڪار هئي. خير دير سوير عوام کي هن حڪومت 10 رپين جي ريليف جو تحفو ته ڏنو آھي. تيل قيمتن ۾ واڌ کي مھانگائي جي ماءُ سڏيو ويندو آھي قيمتن ۾ معمولي واڌ به ٿئي ته ان جو اثر هر هڪ شئي تي پوندو آھي. مھانگائي کي پر لڳي ويندا آھن زندگي جي ضرورت جي شين جا اگھ آسمان تي پھچي ويندا آھن. تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سڄو بار عوام تي اچي ڪرندو آھي ۽ اڳيئي انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل غريب طبقي جي چيلھ چٻي ٿي پوندي آھي. موجوده حڪومت جي جلدي جلدي اگھ وڌائڻ سبب مهانگائي ۽ غربت ۾ واڌ ٿي آھي جنهن جو ڪاٿو ڪرڻ به ڏکيو آھي. تيل جون قيمتون وڌڻ سان جيڪي به شيون مهانگيون ٿيون هيون انهن جا اگھ به گهٽايا وڃن ته جيئن عوام کي حقيقي طور رليف ملي ۽ سورن جو ستايل عوام ڪجھ سک جو ساھ کڻي.
ڊسمبر 17, 2022