پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ عمران خان کي نااهل ڪرائڻ چاهي ٿي: شيخ رشيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم عمران خان کي ڀت سان لڳائي نااهل ڪرائڻ چاهي ٿي هي چاهين ٿا ته موجوده حڪومت جو مدو وڌي جنهن ڪري هو چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته 75 سيڪڙو عوام جيڪا عمران خان سان گڏ آهي هي انهن جو گلو دٻائڻ چاهين ٿا. موجوده حالتن ۾ عمران خان وٽ اسيمبليون ٽوڙڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو نه رهيو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 16 ڊسمبر اهو خوني ڏينهن آهي جڏهن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 8 سال اڳ اسان جي ٻارن کي شهيد ڪيو ويو ۽ اها دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي. ڪالهه 2 اهم دهشتگرد راولپنڊي، اسلام آباد مان گرفتار ٿيا آهن جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. شيخ رشيد چيو ته ڊالر جو ملهه وڌي رهيو آهي. ملڪ جون ٽيڪسٽائيل ملون بند ٿي رهيون آهن. آءِ ايم ايف سان سياسي عدم استحڪام خطري جي نشاني آهي. عمران خان وٽ اسيمبليون ٽوڙڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.
ڊسمبر 17, 2022