پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا وڏا وزير عمران خان جي ذاتي سوچ تي اسيمبليون نه ٽوڙيندا: مراد علي شاهه
راڻيپور/شهدادڪوٽ/خيرپور ناٿن شاهه/وڳڻ/ (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راڻيپور پھچي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ صوبائي وزير اوقاف سيد احمد رضا شاھ جيلاني جي والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مغفرت لاءِ دعا گهري ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سيد ناصر علي شاهه، ڄام خان شورو، سيد بچل شاهه سميت صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ آفيسسر موجود ھئا.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسيمبليون پنھنجو مدو پورو ڪنديون ملڪ ۾ سياسي ڀونچال سبب نقصان ٿيندو وڏي وزير کي اسيمبليٽوڙڻ جو حق آھي پر ان لاء زميني حقيقتون ملڪ جي مفاد ۾ ھجن. ھن چيو تہ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وزير اعلي تي اعتماد آھي عمران خان جي ذاتي سوچ تي اھي اسيمبليون نه ٽوڙيندا، پ پ پ جھموري پارٽي آھي ان ھميشه جھموريت ۽ اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جي حمايتي رھي آھي. برسات متاثرن جي سروي تقريبن مڪمل ٿي چڪي آھي جلد انھن کي رليف ڏنو ويندو موٽروي جو افتتاح ٿي ويو آھي نوڪريون مقامي ماڻھن کي ڏيڻ جو سنڌ حڪومت جو موقف وزير اعظم مڃيو آھي اھو سنڌي ماڻھن جو حق آھي. ٻئي پاسي سنڌ جو وڏو سيد مراد علي شاھ مختصر دوري تي قمبر پڻ پھتو جتي هن متاثر ھارين ۽ زميندارن سان ملي انھن جا مسئلا ٻڌا وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايف پي بند جو پڻ دورو ڪيو جتي هن مرمتي ڪم جو پڻ جائزو ورتو وزير اعليٰ سنڌ کي سردار خان چانڊيو ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلع قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪل 1385197 ايڪڙ ايراضي ٻوڏ جي پاڻيءَ ھيٺ ھئا ھاڻي صرف 30509 ايڪڙن تي پاڻي بچيو آھي باقي سڀ ڪليئر ڪيا ويا آهن 94 فيصد آراضي تان پاڻي ڪڍيو ويو آهي باقي 6 فيصد تي پاڻي موجود آهي انهن کي به جلد کان جلد ڪڍيو ويو وڃي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ زمينن کان پاڻي جي نڪاسي کي جلد کان جلد ڪڍڻ جي به ھدايت ڪئي ان کان بعد وزير اعليٰ سنڌ حمل ڍنڍ ۽ پاڻي ھيٺ آيل علائقن جو فضائي دورو پڻ ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي وارھ سردار برھان خان چانڊيو، ڪمشنر لاڙڪاڻو گھنور علي لغاري، ڊي آء جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ سليم الله اوڍو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سڀني ادارن جا بالا آفيسر پڻ موجود هئا.
ڊسمبر 16, 2022