عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ/سعيد غني
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان بيوقوف ۽ ذهني طور تي مفلوج آهي. ان کي جيڪو به اچي ڪجهه ٻڌائيندو آهي ته بغير سوچڻ سمجهڻ جي شروع ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن محترمه فريال ٽالپر بابت صحيح فيصلو ڏنو آهي. اهو ڪيس اسان جي حڪومت۾ نه پر گذريل چار سالن کان هلندو پيو اچي، پي ٽي آئي جي ٻن ايم پي ايز محترمه فريال ٽالپر خلاف ڪوڙي الزام جي بنياد تي اثاثه لڪائڻ جي درخواست ڪئي ۽ جڏهن ته اهي ٻڌڻي تي به غير حاضر رهيا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان انهن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي. بعد ۾ پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻيهر درخواست جي ٻڌڻي جي اپيل ڪئي هئي. ان تي اليڪشن ڪميشن ٻيهر پڻ ٻڌڻي ڪري فيصلو محفوظ ڪيو. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو آهي. هنن چيو ته عمران خان محترمه فريال ٽالپر کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، عيد جي رات ڪوڙي ڪيس ۾ کيس اسپتال مان جيل موڪليو ويو. هنن چيو ته عمران خان نيب، ايف آئي اي کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي تهذيب ۾ عورتن جو خاص احترام ڪيو ويندو آهي پر عمران خان اسان جي روايتن کي نقصان پهچايو ۽ عورتن کي پڻ ناهي بخشيو. محترمه فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو جيڪو عمل بدترين انتقام جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان چئن سالن تائين مخالفن ۽ سندن گهر ڀاتين تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا. ايمنسٽي اسڪيم کي عمران خان چور، ڌاڙيلن جي اسڪيم قرار ڏنو هو ان مان ان جي ڀيڻ عليمه خان فائدو کنيو. پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ ايمنسٽي مان فائدو ناهي کنيو. هن چيو ته جنهن کي هو ويچاري چوندو آهي اها ويچاري گوگي ملڪ مان ڇو فرار آهي جيڪا تحصيلدار کان وٺي ڊي سي ۽ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪرائيندي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو پورو فوڪس ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي آهي، هن وقت جڏهن اسان پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون ان وقت به وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه برسات متاثر ٿيل علائقن جي دوري تي آهن، آبپاشي وارو وزير ۽ پوري انتظامي مشينري انهن سان گڏ آهي ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي جي عمل جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ هر هنڌ برسات جي تباهڪارين ۽ متاثرن جي مدد جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ ان لاءِ عالمي سطح تي ماحولياتي انصاف گهري رهيا آهن. ٻي طرف هڪ فراڊي شخص برسات متاثرن جي نالي تي چندو ورتو جيڪو متاثرن تائين ناهي پهتو ۽ نه ئي عمران خان پاڻ متاثرن تائين پهتو. هن گهرو کاتي جي وفاقي وزير رانا ثناء الله کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي عمران خان ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪي پيسا جمع ڪيا وفاقي حڪومت اهي پيسا سرڪاري تحويل ۾ وٺي. هي عوام جو پيسو آهي، هن چيو ته عمران خان اقتدار لاءِ تڙپي رهيو آهي ان جي ننڊيون حرام آهن، هو چاهي ٿو ته ٻيهر حڪمران ٿيان مفت جون مانيون ٽوڙيان تحفا وٺان ۽ وڪرو ڪيا ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ مارگله جي پهاڙن جو سير ڪيان. هن چيو ته عمران خان جي خواهش آهي ته پاڪستان کي نقصان پهچي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ٻه ڀيرا ختم ڪئي وئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ادارن جي خلاف سازش نه ڪئي. هن چيو ته عمران خان چور، ڌاڙيل ۽ پيداگير آهي، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ عمران خان ۽ سندس نااهل ٽولي جو ڪردار آهي، عمران خان جي دور ۾ ملڪ جي معيشت جادوگرڻي هلائيندي هئي، هن قوم جا فيصلا جادو ٽوڻي سان دٻي ۾ پرچيون ڪڍي ڪيا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ ڪيترا ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا، ڪيترا اسٽيٽ بينڪ جا گورنرز تبديل ٿيا. عمران خان پوري قوم سان مڪاري ڪئي ان جو هڪ ئي ايجنڊا آهي، اقتدار سان چنمبڙي رهڻ. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنرل (ر) باجوا جي خلاف نفرت انگيز مهم هلائي پئي وڃي، هاڻي ته سندس پنجاب ۾ اتحادين چيو آهي ته ان کي قمر جاويد باجوه صاحب چيو هو ته عمران خان جي طرف وڃڻو آهي، عمران خان احسان فراموش ماڻهو آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو ته نيوٽرل جانور ٿيندا آهن، هاڻي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان پنجاب ۾ ايف آئي آر داخل نٿو ڪرائي سگهي ته ان کي ٻڏي مرڻ کپي. صوبائي وزير چيو ته پنجاب جو وزيراعليٰ به سمجهي ٿو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهن، هن ايف آئي آر ۾ ڪوڙا نالا ڏنا آهن. هن چيو ته توشه خاني جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل عمران خان پاڻ آهي. توشه خاني مان آصف علي زرداري جيڪي گاڏيون ورتيون اهي اڄ به سندس استعمال ۾ آهن. عمران خان وانگر هن تحفا وڪرو ناهن ڪيا، عمران خان خانه ڪعبه جي تصوير واري گهڙي به وڪرو ڪري ڇڏي، ماڻهو ته اهڙين ناياب شين کي پنهنجي سيني سان لڳائي رکندا آهن. هن چيو ته منهنجي گهڙي، منهنجي مرضي، اي عمران خان گهڙي تنهنجي ڪٿان کان ٿي وئي اها ته وزيراعظم پاڪستان کي ملي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان روز نئون سوشو ڇڏيندو رهي ٿو، اسيمبليون اڄ ئي ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته پرويز الاهي ۾ ٿوري به عقل آهي ته هو اسيمبليون تحليل نه ڪندو هن چيو ته ٻڪر جي ماءُ ڪيستائين خير ملهائيندي هڪ ڏينهن ته ان کي ڇري جي هيٺ اچڻو آهي. ڇري جي هيٺ نه آيو ته جيل ته ضرور ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي 18هين ترميم جي خالق آهي، اسان صوبن جي اختيارن جي حفاظت ڪنداسين، محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبلي هڪ قراردادا جي ذريعي رڪوڊڪ جي معاملي تي آئين جي مطابق وفاق کي قانون سازي جو اختيار ڏنو جيڪو آئيني ۽ قانوني عمل آهي. هي اختيار وفاقي حڪومت کي رڪوڊڪ تي ٻاهرين سيڙپڪاري کي مد نظر رکندي ڏنو ويو. هن چيو ته صوبائي اسيمبلي کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو اڄ به ان معاملي تي قانون سازي ڪري ان کي ختم ڪري سگهي ٿي، ان ۾ 18هين آئيني ترميم جو ڪوئي مسئلو نه آهي.
ڊسمبر 16, 2022