پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ جا خواهشمند مايوس ٿيندا: شهباز شريف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ جي خواهش رکڻ وارن کي سدائين جيان مايوسي ٿيندي. حڪومت جي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جي تباهه ڪيل معيشت کي بحال ڪنداسين، انشاءَ الله پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو. ان کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق دار، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر اختيارين وزيراعظم کي ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ وزيراعظم کي قرضن جي واپسي واري شيڊول ۽ آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. انکانسواءِ معاشي ٽيم طرفان وزيراعظم کي مٽاسٽا وارن ذخيرن سميت ڊالر جي قدر بابت ٻڌايو ويو . اجلاس ۾ موجود ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ڏيوالي جو ڪو امڪان نه آهي، قرضن جي وقت سر ادائيگيون ڪيون وينديون، وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم جي هدايت ڪئي ته معيشت کي مستحڪم ۽ عوام کي رليف ڏنو وڃي. ذريعن موجب حڪومت ڊالر، ڪڻڪ، ۽ ڀاڻ جي افغانستان اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعطم حڪم جاري ڪندي چيو ته ڊالر جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سمورن ادارن ۾ رابطا مضبوط ڪندي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت مالياتي ادارن سان ڪيل ڪمٽمينٽ کي پورو ڪندي.
ڊسمبر 15, 2022