قدرتي آفتن دوران عورتن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي: ريحانه لغاري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس جي چيئرپرسن سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏن جا اثر وقت سان گڏ گهٽ ٿي رهيا آهن، پر ان تباهيءَ ۾ خدا جي مخلوق، جنهن کي غير معمولي طور تي نظرانداز ڪيو ويو، اها عورت آهي. اسان ڏٺو ته حڪومت، مخير حضرات ۽ فلاحي تنظيمن امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر امدادي سرگرمين ۾ عورتن جي حقن، ضرورتن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪيو ويو. متاثرين کي خيما، پئسا ۽ ٻيو سامان فراهم ٿيندو رهيو، پر انفرادي طور تي عورتن جي ضرورتن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبرن ۽ سنڌ اسيمبلي جي وومين پارلياماني ڪاڪس اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ فلاحي ادارن کي اپيل ڪري ٿو ته فوري طور تي ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪيل راشن بيگز ۾ عورتن جي ضرورت جو سامان فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس جي چيئرپرسن سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري فلاحي تنظيم CSSP پاران منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي اڄ سنڌ وومين پارلياماني ڪاڪس جي ميمبرن کي سنڌ وومين پروٽيڪشن پاليسي جي موضوع تي سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم  ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود مختلف سياسي جماعتن ج عورتن ميمبرن پ پ جي شاهينه شير علي، سعديه جاويد، غزاله سيال، ايم ڪيو ايم جي راڻا انصار، شاهانه اشرف، رابعه خاتون ۽ پي ٽي آءِ جي اديبه حسن شرڪت ڪئي. اجلاس کي سي ايس ايس پي جي سربراهه ڪاشف بجيرا ۽ نور بجيرا سنڌ جي عورتن جي تحفظ واري پاليسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏن عورتن لاءِ بي گهر ٿيڻ کان علاوه وڏا مسئلا پيدا ڪيا آهن، جن کي حل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.اها پاليسي قدرتي آفتن ۾ عورتن جي حقن، ضرورتن ۽ احساسن جو تحفظ ڪندي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبرن زور ڏنو ته عورتن جي حقن بابت قانونن تي بحث ڪيو وڃي ۽ اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جا سمورا ميمبر جن ۾ عورتون به شامل آهن پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ متاثرن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن قدرتي آفت مان سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ٿيون آهن ۽ انهن ۾ حامله عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. اهڙين عورتن کي عام زندگي ۾ خاص خيال رکڻ جي ضرورت آهي ۽ هن قدرتي آفت ۾ اها پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. هن يقين ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي جون عورتون ميمبر ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس هن پاليسي کي ٺاهڻ ۽ پاس ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندا ۽ عورتن سان لاڳاپيل هن پاليسي جي هر سطح تي حمايت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهي مان پوري قوم کي سبق سکڻ ۽ سنڀلجڻ جو سبق مليو آهي. اسان سڀني کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان باخبر رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

ڊسمبر 14, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو