ادارن جون آئيني حدون ۽ هڪ ٻئي جي عزت جو سوال
تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ داخل ڪيل ڪيسن خلاف سندس پٽ عثمان سواتي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ارجنسي درخواست جمع ڪرائي جنهن تي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ايس ايس پيز کي کي طلب ڪري تفصيل معلوم ڪيا. جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي عرض ڪيو ته اڄ ئي عدالت ۾ درخواست داخل ٿي آھي تنهن ڪري جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اوهان سفارش نه ڪيو آءِ جي جواب ڏئي ۽ جواب نٿو ڏئي سگهي ته استعيفا ڏئي جنهن تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جواب ڏنو ته مان ڇو استعيفا ڏيان پوليس جو سربراھ آھيان ڪو ايس ايڇ او ناهيان. اسان عدالت جي عزت ڪيون ٿا ۽ موٽ ۾ عدالت مان به اهڙي اميد رکون ٿا. عدالت ۽ آءِ جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کان معذرت ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوليس جي ڪارڪردگي ڪا اطمينان جوڳي آھي پر معاملو صرف پوليس جو نه پر سڄي نظام جو اهڙو آھي. اسان جي رياست اندر ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ته زيرو پرفارمنس نظر ايندي جتي هر ادارو تباھ ھجي اتي سڄي صورتحال جو ذميوار صرف هڪ کاتي کي قرار ڏيڻ به ناانصافي آھي. سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ ته پوليس سان ٿيل جٺ رپورٽ ٿي ويندي آھي پر هيٺين عدالتن ۾ پوليس عملدارن سان هر روز جٺ ٿئي ٿي جيڪا رپورٽ به ناهي ٿيندي ڇو ته اتان جا صحافي ضروري ڪيس کانسواءِ روٽين ۾ ڪورٽ جي بيٽ ڪور ئي ناهن ڪندا. ٿوري گهڻي ڳالھ يا دير پهچڻ يا وري چالان پيش ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تي ايس ايڇ او، وڏي منشي يا جاچ آفيسر کي هٿڪڙيون لڳائي ٻاهر ويهاريو ويندو آھي ان مھل قيدي به کلڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن ۽ اهو اهلڪار ماٺ ڪري پنهنجي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙين کي ڏسندو ئي رهندو آھي ۽ ڪجھ دير کانپوءِ عدالت جي وارننگ بعد سندس هٿڪڙيون کوليون وڃن ٿيون. عدالتون اهو عمل پوليس کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪنديون آھن پر ان سان پوليس جو مورال جيڪو اڳ ۾ ڪجھ بچيو آھي صفا زيرو تي پهچي وڃي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پوليس جو ڪم ۽ ڪردار به ڪو واکاڻ جوڳو ناهي، نوڙي مان نانگ ٺاهيندڙ پوليس جي نڪ ۾ جي عدالت جي ناڪيلي نه لڳل هجي ته پوليس جو راڪاس سڄي سماج کي ناس ڪري ڇڏي. ان هوندي به پوليس جو ادارو به رياست جو هڪ اهم ادارو آھي. هر اداري جون آئين ۾ حدون مقرر ٿيل آھن ته ان جو ڪم ڪار به واضح ڪيل آھي ان جي ڪري هر اداري کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدن جو احترام ڪندي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ گهرجن ۽ عزت ۽ احترام کي برقرار رکندي پڇاڻو يا جزا سزا جي عمل کي هلائيندي ذاتي انا يا پسند ناپسند کان مٿانهون هجڻ کپي. عدالت احترام جوڳو ادارو آھي ان جي فيصلي تي عمل ادارن جي اولين ذميواري آھي پر احترام هر اداري جو ٿيڻ گهرجي ۽ ھر اداري جي سربراھ کي اهو استحقاق ملڻ گهرجي جيڪو آئين ۾ ذڪر ڪيل آھي. جيڪڏھن پوليس جي هڪ سربراھ کي ايئن رسوا ڪيو ويندو ته پوءِ پوليس جو مورال ڪجھ نه بچندو جڏھن هڪ آءِ جي جي تضحيڪ ٿيندي ته پوءِ ڏينهن رات چونڪن چوراهن شھرن جهنگن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس جي جوانن جو مورال ته صفا رهندو ئي نه. پر پوليس سان جيڪو ڪجھ ٿئي پيو ان جي ذميوار به گهڻي ڀاڱي خود پوليس آھي ڇو ته سنڌ ۾ اڄ به پوليس پاڻ کي آزاد ۽ خودمختيار ادارو بڻائي ناهي سگهي.
ڊسمبر 13, 2022