چين جو عروج ۽ زوال
عاطف ملاح
تازو ئي تاريخ پبليڪشنز طرفان پاڪستان جي نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي جو “چين کا عروج و زوال” جي نالي سان ڪتاب ڇپيو ويو آهي. ڪتاب فڪشن هائوس جي سمورن ڪتاب گهرن ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر مبارڪ علي پاڪستان جو ناليوارو تاريخدان آهي. سندس جنم هندستان جي راجسٿان صوبي جي شهر ٽونڪ ۾ 21 اپريل 1941ع ۾ ٿيو ۽ 1947ع جي هندستاني ورهاڱي بعد حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. هن جرمني جي روهر يونيورسٽي بوچم مان تاريخ جي شعبي ۾ “مغل دور جو هندستان” جي عنوان سان پي.ايڇ.ڊي ڪئي.
سندس اهو ڪتاب پڻ اردو ۾ ڇپيل آهي. ان کان اڳ ڊاڪٽر مبارڪ علي جا تاريخ جي موضوع تي درجنين ڪتاب مارڪيٽ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر مبارڪ علي جو هي ذڪر ڪيل ڪتاب “چين کا عروج و زوال” دراصل ٽيچنگ ڪمپني طرفان (Professor Richard Baum) جي ليڪچرز (Fall and Rise of China) جي Review تي مشتمل آهي. ڪتاب “چين جي تاريخي پسمنظر”، “چين جي شان و شوڪت 600ع کان 1700ع”جي باب کان شروع ٿيندي “مائو جي وفات 1971ع کان 1976ع” جي تمام مختصر ۽ مٿاڇري تجزيي تي مشتمل آهي. چين جي قديمي تاريخ کان ويندي چين جي سوشلزم ڏانهن راهه تائين جي تمام ڊگهي سفر کي ليکڪ تمام گهڻو مختصر ڪري لکيو آهي. ڪتاب چيني Shang خاندان جي زماني ۽ Zhou جنهن جي دور ۾ ڪنفيوشس جي تعليم جي شروعات ٿي کان ويندي چين جي تاريخ اندر مختلف وقتن تي سندس عروج ۽ زوال، چين جي وڌندڙ آبادي ڪري چين جي مسئلن، هارين جي بغاوت، چين مان بادشاهت جي خاتمي، سن يات سين جي پاليسين، چيني ڪميونسٽ پارٽي جي جوڙجڪ، چين مٿان انگريزن جي تسلط، آفيمي جنگين، جاپان جي قبضي، ڪومنٽانگ جي ظلمن، ڪميونسٽن ۽ ڪومنٽانگن جي اتحاد ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جي طرفان چيني ڪميونسٽ پارٽي سان ٿيل ويساهه گهاتين، عظيم انقلابي استاد مائو جي اڳواڻي ۾ چين جي سوشلسٽ انقلاب ۽ انقلاب کانپوءِ جي مائو جي پاليسين؛ ثقافتي انقلاب، Great leap forwardمائو جي وفات تائين جي وڏن پيچيدگين ۽ گهرن موضوعن تي مشتمل آهي.
ڪتاب تاريخ جهڙي هيڏي وڏي موضوع تي تمام مختصر ۽Short لکيو ويو آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ ڪتاب جي وڏي خامي آهي. تاريخ جي موضوع ۽ اهو به چين جهڙي دنيا جي قديم تهذيب ۽ تاريخ رکندڙ ملڪ جي عروج ۽ زوال جي داستان تي ٻڌل ڪتاب چيني تاريخ جي وڏن واقعن تي ڊگهي بحث جو گهرجائو آهي پر ذڪر ڪيل ڪتاب ڇاڪاڻ ته ڪجھه ليڪچرز جي Review تي مشتمل آهي ان ڪري ڪتاب ۾ مختلف واقعن تي مٿاڇرو بحث ڪيو ويو آهي ۽ واقعن جي اصلي حقيقتن ۽ انهن جي تھه تائين پهچڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي جنهن سان منهنجي خيال ۾ چين جي نه مڪمل تاريخ سمجهي سگهجي ٿي نه ئي چين جي سوشلسٽ انقلاب يا مائو جي حڪمت عملين ۽ پاليسين سان انصاف ڪري سگهجي ٿو ۽ نتيجي طور ٿيو به ايئن ئي آهي ليکڪ ڪتاب اندر مائو جي پاليسين جهڙوڪ ثقافتي انقلاب وغيره بابت ڪٿي دٻيل لفظن ۾ ته ڪٿي کليل انداز ۾ تنقيد ڪئي آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ واجب تنقيد ناهي.
ڪتاب اندر مائو جي جن پاليسين تي ليکڪ طرفان مٿاڇرو بحث ڪندي تنقيد ڪئي وئي آهي انهن جي حقيقتن تائين پهچڻ تمام ضروري آهي ۽ هن دفعي ليکڪ طرفان ثقافتي انقلاب تي جيڪا تنقيد ڪندي ان جي اصلي مقصد کي ٽوڙي مروڙي ان کي فقط مائو طرفان پنهنجي سياسي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيڻ واري نقطي (صفحو95 کان 101) کي ئي ڏسنداسين ته اصل حقيقت ڇا آهي ۽ ثقافتي انقلاب آخر هو ڇا؟ دراصل جيئن عظيم انقلابي لينن پورهيت دوست انقلابي نظريي ۾ سائنسي واڌارا ڪري ان کي پنهنجي دور ۽ حالتن سان ٺهڪائي روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو بلڪل ايئن ئي ڪامريڊ مائو چيني سماج اندر مارڪسي _ لينني نظريي ۾ زبردست واڌارا ڪري چين اندر سوشلسٽ انقلاب جي اڳواڻي ڪري ان کي ڪامياب بڻايو. مائوزي تنگ انهن واڌارن ۽ سائنسي کوجنائن منجھه هڪ اهم دريافت اها ڏسي ته: “سوشلسٽ نظام ۾ به عوام وچ ۾ تضاد رهن ٿا”
سوشلسٽ ملڪن جي عوام ۽ عوامي سرڪار وچ ۾ به تضاد رهن ٿا جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ثقافتي انقلاب مائو جو اهو عظيم ڪارنامو هو جنهن چين جي عوامي انقلاب کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ۽ انقلاب دشمن قوتن، سوچن، لاڙن جو صفايو ڪيو. ثقافتي انقلاب، ڪامريڊ مائو دراصل چيني انقلاب بعد چيني سماج، چيني ڪميونسٽ پارٽي ۾ موجود سرمائيدارانه لاڙن ۽ سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ ماڻهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو هو جيڪو پنهنجي جوهر ۾ هڪ وڏو عظيم تخليقي ڪارنامو هو جيڪو عظيم انقلابي مائو سرانجام ڏنو. ثقافتي انقلاب وسيلي چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني حڪمران طبقي ۾ موجود انهن ماڻهن جي وڏي تعداد جي سرمائيداري سوچ کي تبديل ڪري کين عوام جو همدرد ڪرڻ جو ڪم ڪيو ويو ۽ ظاهر آهي مائو جي انهن انقلابي پاليسين سان سرمائيداري جي حامي سمورن ماڻهن کي ضرور اختلاف رهندو ۽ ايئن ئي چين ۾ به هڪ گروهه مائو جي مخالف ٿي بيٺو پر تاريخ دير سوير انصاف ضرور ڪري ٿي ۽ تاريخ ثابت ڪيو ته ڪامريڊ مائو مارڪس ۽ لينن جي تعليم جو جدلياتي تسلسل کڻي چين ۾ زبردست تبديليون آنديون ۽ اڄ ٽين دنيا جي محڪوم طبقن ۽ مظلوم قومن لاءِ مائو جو فڪر رهنمائي ڪندڙ قوت آهي.
***
ڊسمبر 12, 2022