نالائق، چور عمران خان آخر تائين امپائر جي آڱر کڄڻ جو انتظار ڪندو رهيو: مريم اورنگزيب
لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اقتدار جي لالچ، ساڙ ۽ انا ۾ وڪوڙيل همراهه وزيراعظم شهباز شريف خلاف ڊيوڊ روز کان خبر لڳرائي جيڪا ڪوڙي نڪرڻ تي ڊيلي ميل ٻاويهه ڪروڙ عوام کان معافي ورتي آهي. ڊيلي ميل طرفان شهباز شريف کان معافي وٺڻ جي خوشي ۾ ن ليگ راولپنڊي جي عدالت هيٺ مقامي هال ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف دهشتگردي ختم ڪئي، پنهنجن چاليهه سالن جي احتساب جو جواب ڏنو، نالائق توشه خانا چور شهباز شريف تي الزام مڙهي رهيو آهي، راڻا ثناءُ الله به سرخرو ٿيو. هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمرن خان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيوته عمران خان چئن سالن بعد چئي ٿو ته مون وٽ طاقت نه هئي، چوري ناهي ڪئي ته جواب ڏيو، کائنس سوال ڪيون ٿا سندس ساهه سڪي وڃي ٿو، پوءِ وري وهيل چيئر تي اچي وڃن ٿا. مريم اورنگزيب چيو ته ڪارڪنن جو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ ثبوت آهي ته ڪير اچي رهيو آهي؟ نواز شريف ايٽم بم ڏنو ۽ توشه خانا چور امپائر جي آڱر کڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.
ڊسمبر 12, 2022