عمران خان جون اسٽيبلشمينٽ مان ٻيھر اميدون

Spread the love

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ جتي اها ڳالھ ڪري ته منهنجي گهڙي آھي تنهن ڪري منهنجي مرضي گهڙي کپايان يا ڪجھ به ڪيان تصديق ڪري ڇڏي آھي ته هن گهڙي کپائي آھي پر ساڳئي وقت هو فوج مان اميدون لڳايو ويٺو آھي. عمران خان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو آھي ته مون کي سيلڪٽڊ چوڻ وارن پاڻ جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوه کان اين آر او ٽو ورتو. هن چيو ته ڊسمبر ۾ ئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين. موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جي تعريف ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن جي تمام گهڻي واکاڻ ٻڌي آھي هو قران جو حافظ آھي تنهن ڪري هو امر بالمعروف جي پاسي بيهندو. مطلب عمران خان پاڻ کي امر بالمعروف واري خاني ۾ پاڻمرادو رکيو آھي. ڳالھ جيڪڏھن فقط آرمي چيف جي تعريف تائين محدود هجي ها ته پوءِ ڪو خاص بحث جو موضوع نه هجي ها پر گڏوگڏ عمران خان پاران اها اميد لڳائي ويهڻ ته موجوده آرمي چيف نيڪي جو حڪم ڏيڻ (امربالمعروف جو مطلب نيڪي جي دعوت يا تلقين ڪرڻ آھي) جي اميد لڳائي ويهڻ سان ڳالھ ڪجھ وزنائتي ٿي وئي آھي. فوج جو اڳوڻو سربراھ ويندي ويندي ۽ موجوده سربراھ اچ  مهل ئي واضح ڪيو آھي تگ فوج سياست کان پري رهندي ۽ ھاڻي پارليامينٽ آزاد آھي ته پوءِ هڪ سياسي ليڊر فوج کي زوري سياسي مداخلت لاءِ منٿون ڪندي نظر اچي ته ڦودني جي ڦير کي پرکڻ صفا سئولو ٿيو پوي. ثابت ٿئي پيو ته ڪپتان ايمپائر سان ميچ فڪس ڪرڻ چاهي ٿو پر هاڻي کيس مايوسي ٿيندي. لڳي ايئن پيو ته عمران خان وارم اپ پيو ڪري هو ايندڙ اليڪشن اسٽيبلشمينٽ سان محاذ آرائي ڪري وڙھڻ چاهي ٿو نه ته هڪ سياسي ليڊر فوجي سربراھ ۾ اميدون ڇو پيو رکي. فوج جي هاڻوڪي ڪردار جي واکاڻ تمام ضروري آھي ۽ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پيو ٿئي جو فوج آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي آزادي جي خواهش ظاهر ڪئي آھي اتي عمران خان کي هاڻي سوچي سمجهي بيان بازي ڪرڻ گهرجي. هڪ سياستدان کي اهو نٿو سونهين ته هو جمهوريت جي نالي تي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ غير جمهوري قوتن سان اميدون ڳنڍي وٺي.

ڊسمبر 12, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو