پ پ پ – ايم ڪيو ايم اتحاد ۽ ڪراچي جي صورتحال

Spread the love

پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ مفاهمت جي هڪ ٻئي دور جي شروعات ڪامران ٽسوري جي گورنر ٿيڻ سان ئي شروع ٿي وئي هئي. آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري تحريڪ انصاف کان الڳ ٿيڻ واري اعلان تي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان وقت به اها ڳالھ گردش ۾ ھئي ته ايم ڪيو ايم رڳو ٻن وفاقي وزارتن جي آسري تي عمران خان کان راهون الڳ نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته عمران حڪومت ۾ به ايم ڪيو ايم وٽ ٻه وزارتون مليل هيون. ايم ڪيو ايم کي وڏي وقت کانپوءِ سنڌ اندر اقتدار ۾ ڀاڱيواري جو موقعو مليو ته ڀائي لوگ فوري طور زرداري سان اتحاد لاءِ تيار ٿي ويا. پهرين مرحلي ۾ ڪامران ٽسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو جنهن پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ باقي شرطن تي عملدرآمد لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ آخرڪار ايم ڪيو ايم جي ٻئي مطالبي تي به عمل ٿيو. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتظيٰ وهاب کان استعيفا وٺرائي وئي ۽ 20هين گريڊ جي ڪاموري سيف الرحمان کي ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آھي. فرق هڪڙو ضرور آھي ته پ پ پ طرفان مرتظيٰ وهاب مڪمل طور سياسي ماڻھو آھي جنهن کي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو هو جڏھن ته ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي ڪاموري سيف الرحمان کي اها ذميواري سونپي وئي آھي. ايم ڪيو ايم پنهنجي سيف سائيڊ ضرور رکي آھي ته ڪير اهو نه چئي سگهندو ته ايڊمنسٽريٽر سياسي يا ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آھي ۽ پيپلز پارٽي به پاڻ کي تنقيد کان بچائي وٺندي ته سنڌ سرڪار پنهنجي ئي آفيسر کي اها واڳ سونپي آھي پر حقيقت ۾ سياسي حمايت وارو ايڊمبسٽريٽر سڏيو ۽ پڪاريو ويندو. ڪي ايم سي جو چڱو مڙس ڪير ٿو ٿئي ۽ ڪهڙي پارٽي جو ٿئي ٿو ان کان اهم اهو آھي ته ڪراچي لاءِ ڇا ٿو ڪري. ڪراچي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ميٽروپوليٽن سٽي آھي تنهن ڪري ان جا مسئلا به وڌيڪ آھن ته ڳنڀير به. موجوده ايڊمبسٽريٽر لاءِ لازمي هوندو ته هو بنا ڪنهن فرق جي شھر جي خدمت ڪري.ڪراچي جي عوام کي فرق نٿو پوي ته ايڊمنسٽريٽر ڪنهن جو ماڻھو آھي ان لاءِ اهو اهم هوندو ته ڪم ٿئي سندن اهنج ختم ٿين ۽ مسئلا حل ٿين.

ڊسمبر 11, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو