عمران خان 22 ڪروڙ عوام سان ظلم ڪيو جنهن جو حساب کيس ڏيڻو پوندو: مريم اورنگزيب

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان 22 ڪروڙ عوام سان ظلم ڪيو آهي جنهن جو حساب کيس ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان اقتدار ۾ رهندي به ملڪ کي نقصان پهچايو، اڃان تائين هي ساڳيو ڪم ڪري رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن اوهان توشه خانه مان چوري ناهي ڪئي ته جواب ڏئي ڇڏيو، عمران خان کان ڪرپشن بابت سوال ڪيو ويندو آهي ته هي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي ايندو آهي. اهو ظلم اوهان پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سان ڪيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ظلم جو حساب عمران خان کي ڏيڻو پوندو. هن راڻا ثناءُالله جي جيل سيل ۾ ماڪوڙيون ڇڏيون، هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، اڄ چئي ٿو ته مخالف نيب جي قانون ۾ ترميم جو فائدو کڻي رهيا آهن. ڇا ڊيلي ميل به اسان سان ملي ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 2013 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ(ن) ليگي حڪومت ترقياتي منصوبا لڳايا (ن) ليگ حڪومت مستحڪم معيشت کي ڇڏي وئي. گذريل حڪومت معيشت کي نقصان پهچايو، چونڊن جي تاريخ آڪٽوبر 2023 آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته 2016 کان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آيو، چونڊيل وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي هٽايو ويو. هوڏانهن صحافين جي وفد مريم اورنگزيب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صحافين مريم اورنگزيب سان سندس ڦڦي ۽(ن) ليگ جي سينئر اڳواڻ نجمه حميد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحومه نجمه حيد جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ فاتحه خواني به ڪرائي وئي.

ڊسمبر 11, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو