جمهوري نظام ۽ روايتن جي تسلسل سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوري نظام ۽ روايتن جي تسلسل سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي، اسان کي مالي وسيلن جي بهتر ۽ منصفاڻي ورڇ جي لاءِعالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار انڊونيشيا جي دوري جي موقعي تي 15 هين بالي جمهوري فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جمهوريت هڪ آزاد معاشري جو بنياد آهي، پاڪستان سدائين عوام تي ٻڌل جمهوريت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افسانوي جمهوريت کي حقيقت جي جمهوريت ۾ تبديل ڪرڻو آهي.

ڊسمبر 9, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو