اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھي ته ملڪ ۾شفاف چونڊون ڪرائي: اعجاز انور چوهاڻ
ڪراچي(رپورٽر)صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي آئين تحت اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آھي ته ملڪ ۾شفاف چونڊون ڪرائي .موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي اگواڻي ۾ چونڊون ڪرايون پيون وڃن.پاڪستان ۾ عورتن جي ووٽرز جو تعداد مردن کي مقابلي ۾ گھٽ آھي.جن عورتن جو شناختي ڪارڊ ناھي ٺھيلانھن جو فوري طور شناختي ڪارڊ ٺھرائي ووٽر لسٽ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي اهڙي ڳالهين جو اظهار پاڪستان ۾ ووٽ جي عالمي ڌهاڙي جي حوالي سان صوبائي الڪيشن ڪميشن جي آفيس ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي چيو آهي .ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪميشن جا عهديدار،سول سوسائٽي جا نمائندا،۽ ميڊيا جي هڪ وڏي تعدادشرڪت ڪئي .صوبائي اليڪشن ڪميشن اعجاز انور چوهان چيو ته سڄي سنڌ ۾ مختلف اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ووٽرز جي اھميت بابت سيمينار ڪيا پيا وڃن.اليڪشن ڪميشن پاران مھم دوران عورتن جي ووٽرز ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي.هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ عورتن جي وڏي تعداد ووٽرز ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن ٽيڪنالاجي ذريعي اھم قدم کنيا آھن .اليڪشن ڪميشن وٽ موبائيل ايپ، آٽو ميٽڪ مشين سميت ٻيون آن لائن سھولتون موجود آھن .صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته پائليٽ پراجيڪٽ تحت مختلف مرحلن ۾ اليڪشن ڪميشن استعمال ڪيو آھي.اليڪشن ۾ رڳو اليڪشن ڪميشن نه پر سياسي پارٽين جو وڏو ڪردار آهي.ووٽ جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان پروگرام به ڪري رھيا آھيون .هن چيو ته اليڪشن ۾ جيتريون به ايڪٽوٽيز ھونديون آھن انھن کي اجاگر ڪيو ويندو آهي.پاڪستان اليڪشن ڪمشنر پوري سنڌ جا دورا ڪري جتي اليڪشن ڪرائڻ لاءِپريشانيون ھيون اھي حل ڪيون ويون آهن ،اليڪشن ڪميشن کي عملي کي ٽريننگ به ڪرايون ويون آھن.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪشن کي بھتر کان بھتر ڪرائڻ لاء ڪوششون ڪري رھيو آھي.ھاڻي ڪافي معاملا بھتر آھن، اين جي اوز ء سول سوسائٽي به اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي.انشاءِ الله اليڪٽورل سسٽم نظر ايندو، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون وينديون آهن جيڪي اليڪشن جي نگراني ڪنديون آهن.ووٽ ھڪ مقدس فرض آھي، ووٽرز جو ٽرن آئوٽ وڌايو ويندو.اسان کي گھر گھر اھا نياپو پھچايو ويندو ته پنھنجو ووٽ ڏئي مستقبل کي بھتر ڪي .جوائنٽ اليڪشن ڪميشز علي اصغر سيال چيو ته اسان جي ڪوشش آھي جن ماڻھن جو شناختي ڪارڊ ٺھيل آھي انھن کي ووٽر لسٽ ۾ شامل ڪيون.ووٽرز لاءِاليڪشن ڪميشن بھترين ڪم ڪري رھي آھي.اليڪشن ڪميشن پاران ووٽ وجھڻ لاءِ مھم ھلائي پئي وڃي .سول سوسائٽي جي اڳواڻ نسيم اختر شيخ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن خواجه سرائن ۽ معذورن لاءِ تمام بھترين ڪم ڪيو آھي.جڏھن به اسان کي نادرا طرفان ڪي پريشانيون ٿينديون آهن ته اليڪشن ڪميشن سپورٽ ڪندي آھي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ووٽرز مھم شروع ڪئي وئي آھي.پھريان نوجوان ٻاھر وڃي پيو ووٽ نه پيو وجھي پر ھاڻي مھم ھلائڻ سان ووٽر جو تعداد وڌي ويو آهي.ووٽر کي گھر مان ٻاھر آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڪم ڪرڻ گھرجي.گذريل ڇھن کان ستن سالن ۾ عورتن سميت خواجه سرائن لاء تمام بھترين ڪم ڪيو آھي.اليڪشن ڪميشن مان اميد ڪيون ٿا ته جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن
ڊسمبر 8, 2022