حيدرآباد سکر موٽر وي خردبرد ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جو وڏو قدم کڻي ورتو
ڪراچي (رپورٽر) حيدرآباد سکر موٽر وي خردبرد ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جو وڏو قدم، ڊي سي نوشهروفيروز جي انٽرپول جي ذريعي ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو، نوشهروفيروز ۾ پڻ خردبرد جي اطلاع مليل آهي سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ موٽروي لاءِ مختص فنڊز منجمد ڪيا ويا آهن، ايترو وڏو ڪم ڊپٽي ڪمشنر يا ڪمشنر اڪيلو نٿو ڪري سگهي، بينڪ ۽ اين ايڇ اي جو عملو ملوث ٿي سگهي ٿو ان ڳالهه جو اعلان ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته مٽياري ۾ زمينن جي خردبرد جي حوالي سان فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري جي حوالي سان وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته مبينه گپلو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي تصديق جي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. دوران انڪوائري سنڌ حڪومت ڇهن ضلعن ۾ موٽر وي لاءِ مختص ڪيل فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا هن ٻڌايو ته 17 نومبر تي سنڌ حڪومت ايف آئي آر مٽياري ۾ ڪٽي ايف آءِ آر ۾ ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو ميٽاري جي ڊي سي کي گرفتار ڪيو ويو اسسٽنٽ ڪمشنر عدالت ۾ ضمانت حاصل ڪئي هئي ان کان بعد ۾ ان کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو هاڻي تائين 420 ملين روپين جي وصول ڪيا ويا آهن. وڌيڪ انڪوائري جاري آهي هن چيو ته هي ڪم ڊي سي يا اسسٽنٽ ڪمشنر اڪيلي نٿو ڪري سگهي سنڌ بينڪ جو عملو ۽ اين ايڇ اي جو عملو ملوث ٿي سگهي ٿو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته بينڪ ڇهن آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ڪجهه پرائيويٽ ماڻهو پڻ ان ۾ ملوث آهن نوشهروفيروز ضلعي حوالي سان پڻ جي آئي ٽي جوڙي وئي هئي ٽئي ڏينهن اڳ نوشهروفيروز جي رپورٽ پڻ سنڌ حڪومت کي ملي وئي آهي ان ۾ به بي ضابطگيون نظر آيون آهن ۽ ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر 18 نومبر تي ملڪ مان فرار ٿيا آهن. هاڻي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايف آئي آر داخل ٿي چڪي آهي ته اينٽي ڪرپشن وفاقي حڪومت سان رابطي ڪندو ته جيئن اڳوڻي ڊي سي جي انٽرپول سان ريڊ وارنٽ جاري ڪرائي سگهجن ان حوالي سان سنڌ حڪومت اين ايڇ اي، ايف آئي اي ۽ نيب سان رابطي ۾ آهي سنڌ حڪومت هر وقت ڪارروائي ڪئي آهي هڪ وڏو اسڪينڊل وقت تي ڪارروائي جي ڪري بي ضابطگين کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. جيڪي ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن انهن کي گرفتار ڪري سنڌ حڪومت ثابت ڪيو آهي ته انهن کي نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان معاملي جي جڙ تائين ويندي سياسي ماڻهو شامل ٿيا ته سياسي ماڻهن جي خلاف به ڪارروائي ٿيندي. عمران خان جي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم نه چئو هو بادشاهه آهي شهنشاهه آهي خان صاحب جيڪي به ڳالهه ڪندا آهن ڪجهه ڪلاڪن بعد تبديل ٿي ويندي آهي ان لاءِ مان عمران خان جي ڪنهن بيان کي سنجيده ناهيان وٺندو هو پنهنجي ڊي ۾ وڃي ڪري پاڻ گول ڪري ڇڏيندا آهن. 22 سالن ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون هون حڪومت ۾ اچڻ جي بعد عمران خان يوٽرن وٺندا رهيا عمران خان کي سياست جي ذريعي نه خدمت جي ذريعي وزيراعظم بڻبو هو. هن چيو ته قانوني جي مطابق بطور ايڊمنسٽريٽر مان آهيان جنهن ڏينهن حڪومت چوندي مان هليو ويندم. جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم وارن چيو ته ايڊمنسٽريٽر هليو وڃي منهنجي هٽڻ کانپوءِ جيڪو شخص ايندو ان تي به الزام لڳي سگهن ٿا. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ سنڌ حڪومت کي اختيار ڏيندو آهي ته هو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري سگهي ٿي مان هٽي ويندم ان وقت به جماعت اسلامي تنقيد ڪندي رهندي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته نوشهروفيروز ۾ ڊي سي کان علاوه ٻين ماڻهن کي به نامزد ڪيو ويو آهي جيتري به ريڪوري ٿي آهي اها مٽياري ضلعي جي آهي نوشهروفيروز ضلعي مان ڪائي ريڪوري نه ٿي آهي. هن چيو ته فائر فائيٽرز جي ٽاگيٽ ڪلنگ ٿي آهي جيل مان ڌمڪين جو مونکي علم نه آهي اهو مان معلوم ڪري وٺندم. جيل حڪام کان پڻ پڇنداسين ته اتان کان هڪ قيدي فون جي ذريعي ڪيئن ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. سنڌ حڪومت وٽ ڪرپشن کي پڪڙڻ جو مڪينزم موجود آهي. پي اي سي پڻ ايڪشن وٺندي آهي اسان جو سسٽم بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڏوهاري آزادي ٿي ويندا آهن پروين رحمٰن ڪيس ان جي مثال آهي. بحريه ٽائون ڪيس جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بيريسٽر مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته هڪ پيسو به سنڌ حڪومت کي ناهي مليو بحريه جيڪي جمع ڪرايا هئا اهي سنڌ جا پيسا آهن ۽ سنڌ کي ملڻ گهرجن.
ڊسمبر 6, 2022