سنڌ حڪومت ٻوڏ ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 20 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن، گهرن جي اڏاوت لاءِ سنڌ حڪومت اربين رپيا خرچ ڪندي. هن چيو ته متاثرن کي 4 لک 74 هزار کان وڌيڪ خيما فراهم ڪيا ويا آهن، 17 لک خاندانن کي سنڌ حڪومت راشن فراهم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي هو، جنهن کي ڪڍيو ويو، ٻوڏ متاثر 90 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي، سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺو آهي.
ڊسمبر 4, 2022