وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس: پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان روڪڻ وارن قدمن تي غور

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان روڪڻ وارن قدمن تي غور ڪيو ويو. مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس سندس رهائشگاهه ماڊل ٽائون ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير، سينئر ليگي اڳواڻ، وزيراعظم جا صلاحڪار ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر شريڪ ٿيا جن ۾ حمزه شهباز، راڻا ثناءُالله، اعظم نذير تارڙ، خواجه سعد رفيق، احمد چيمه، عطاءُالله، تارڙ، ملڪ احمد خان، اويس لغاري، خواجه سلمان رفيق ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي امڪاني ٽوڙڻ واري معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ورچوئل اجلاس جي سفارشن جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. اهم هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم بابت بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته گورنر راڄ لڳائڻ جي حوالي سان به تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي شهباز شريف کي تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن سان رابطي جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني وئي. جڏهن ته وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي جي معطل ليگي ميمبرن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ بي اعتماد رٿ جو ووٽ وٺڻ ۽ گورنر راڄ جي لاڳو سميت سمورن قانوني ۽ آئيني آپشن تي غور ويچار ڪيو ويو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ صبح ئي اسلام آباد کان جهاز ذريعي لاهور پهتو هو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين رهائش اختيار ڪري سگهي ٿو.

ڊسمبر 3, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو