عمران خان حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي
لاهورويب ڊيسڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي اجلاس سان خطاب ۾ عمران خان چيو ته سموري دنيا چئي رهي آهي ته اسان ڊيفالٽ طرف وڃي رهيا آهيون. ترسيلون گهٽجڻ شروع ٿي ويون آهن. اسان جي دور ۾ قرضن جي واپسي جو خطرو 5 سيڪڙو هو. هاڻ اهو خطرو 100 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سيڙپڪار به هنن جي مٿان ڀروسو نه پيا ڪن ڇو ته هنن وٽ ڪوبه روڊ ميپ نه آهي. هن چيو ته ٽيڪس وصولي گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي، فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي مزدور نه پيا ملن. اسان جي دور ۾ معيشت 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته چونڊن طرف نه وينداسين ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي پٺيان پاڪستان آهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبيلون ٽوڙيون ٿا ته 66 سيڪڙو پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون. حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪندي عمران خان چيو ته هي اسان سان ويهي ڳالهيون ڪن ۽ عام چونڊن جي تاريخ ڏين. ٻئي صورت ۾ اسان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين. اسان اوهان کي موقعو ڏئي سگهون ٿا ته اسان سان گڏ ويهي ٻڌايو ته اوهان ڇا چاهيو ٿا؟ 66 سيڪڙو پاڪستان ۾ چونڊن ٿين ۽ اوهان مرڪز ۾ ويٺل رهو. اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر هي چونڊن جو نالو ئي نٿا وٺن ڇو ته هي چونڊن کان ڊنل آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ هنن کي تاريخي شڪست ملندي. معيشت تباهي طرف وڃي رهي آهي ان تي هي ڪيئن ڪنٽرول ڪندا. آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان کي نااهل ڪري جيل ۾ وجهو. اسيمبلي ۾ ويهي هنن ماڻهن پنهنجي مٿان سمورا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن.
ڊسمبر 3, 2022