آصف زرداري ۽ شهباز شريف ڇُٽل ڪارتوس آهن، 30 جنوري کان اڳ چونڊن جو فيصلو ٿي ويندو: شيخ رشيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن جي حوالي سان نئين دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد لکيو ته پاڪستاني معيشت ۽ حڪومت ٻئي ٻڏي رهيون آهن. پرڏيهي پاڪستاني بئنڪن مان پئسا ڪڍرائي ٻاهر جي بئنڪن ڏانهن اماڻي رهيا آهن. ملڪ ۾ مهانگائي ٻيڻ تي ٿي وئي آهي. شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ سياسي جنگ تيز ٿي وئي آهي پر اها جنگ عمران خان کٽيندو، سموري قوم ۽ پارليامينٽ عمران خان سان گڏ بيٺل آهي جيڪو به عمران خان سان غداري ڪندو اهو پنهنجي سياست دفن ڪري ڇڏيندو. دير يا سوير جڏهن به چونڊون ٿيون پي ڊي ايم جي سياسي موت ڀت تي لکجي وئي آهي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف ڇُٽل ڪارتوس آهن آصف زرداري پنجاب کي ڇڏي سنڌ جي فڪر ڪري. وقت کان اڳ چونڊن جي حوالي سان شيخ رشيد نئين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته 30 جنوري کان پهريان چونڊن جو فيصلو ٿي ويندو.
ڊسمبر 3, 2022