جنرل عاصم منير جو سالار طور سفر شروع
جنرل سيد عاصم منير ملڪ جي سترهين آرمي چيف طور بري فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي. مختلف تضادن ۽ الزامن جي امتزاج سان جنرل قمر جاويد باجوه جي ڇهن سالن تي ٻڌل سالاري جو دور پڄاڻي تي پهتو ھاڻي کيس ريٽائرڊ جنرل لکيو يا پڙھيو ۽ ڪوٺيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف جي ڇهن ورهين واري مدي تي ڳالهائڻ بدران نئين مقرر ٿيل سپھ سالار سيد عاصم منير لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪجي ۽ بهتر کان بهترين جي اميد ڪجي. جنرل عاصم منير کي سالاري جنهن وقت ملي آھي اها ٽائيمنگ ملڪي ۽ عالمي سطح تي نهايت اهم ۽ نازڪ آھي. ملڪ اندر معاشي ۽ سياسي غيريقيني واري صورتحال ۽ عالمي سطح تي مختلف ملڪن سان عسڪري اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ خاص طور ڀارت ۾ پيدا ٿيل خوف ۽ وائڙائپ جي عنصر جي موجودگي آھي. بيروني معاملن ۾ پاڪ – آمريڪا، پاڪ – چائنا، پاڪ – سعوديه ۽ پاڪ -روس اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ توازن آڻڻ ضروري آھي ۽ ڪٿي ڪٿي جيڪي تعلقاتن ۾ ڪي جهول پيدا ٿيا آھن ته اهي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آھي. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ته جنرل عاصم منير جي آرمي چيف مقرر ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا ۾ واويلا متل آھي. خير ڀارت ۾ ته سدائين پاڪستان خلاف بغض ئي موجود رهي ٿو ان جو ڪو مسئلو ناهي. سڀ کان اهم ۽ ضروري هوندو ته ملڪ اندر ادارن ۾ توازن کي بهتر ڪجي ۽ جيڪي بدگمانيون ۽ وٿيون پيدا ٿيون آھن انهن جي خاتمي لاءِ ڪا مثبت اڳڀرائي ٿئي. موجوده فوجي قيادت مان اها اميد ڪجي ٿي ته سياست ۾ مداخلت کان پرهيز واري نسخي تي باقاعدگي سان عمل ٿئي ۽ ان عمل جو اظھار قول ۽ فعل ٻنهي ۾ ٿيڻ گهرجي. جنرل باجوه کان جنرل عاصم تائين سالاري جي منتقلي سان گڏ پاليسي جي ڪيتري هڪجهڙائي رهي ٿي يا موجوده سالار تبديلي آڻي ٿو ان بابت ڪجھ به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. جنرل عاصم منير بابت اها ڳالھ ٻڌڻ ۾ اچي پئي ته هو نج پروفيشنل ۽ ڊسپلينڊ سوچ جو مالڪ آھي ۽ ڪنهن به ملڪ جي فوج جي سربراھ کي هجڻ به ايئن گهرجي. اميد ڪجي ٿي ته جنرل عاصم منير جي وقت ۾ فوج ۽ عوام ۾ محبت جا نوان اهڃاڻ جنم وٺندا ۽ پاڪستان جي فوج ملڪ جي سلامتي ۽ بقا لاءِ ھر دم تيار رهندي ۽ سڄي دنيا جي عسڪري جڌن ۾ سڀ کان مٿانهين رهندي.
ڊسمبر 1, 2022