نئين مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل عاصم منير پروقار تقريب ۾ عھدو سنڀالي ورتو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيندڙ جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي ڪمان نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي ڪمان تبديلي واري تقريب ٿي جنهن جو مهمان خاص رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هو. تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جا سربراهه، سينئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر، سندن گهر ڀاتين کان علاوه وفاقي سيڪريٽري به شريڪ ٿيا. ان کان علاوه گهرو وزير راڻا ثناءُالله، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي رٽائرڊ ٿيندڙ سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني جتي هنن شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ شهيدن جي لاءِ دعائون گهريون جنهن کان پوءِ قومي جهنڊي کي سلامي ڏني وئي. تقريب جي خاص مهمان جنرل قمر جاويد باجوه جي جنرل عاصم منير سان گڏ پنڊال پهتو جتي کيس گارڊز طرفان سلامي ڏني وئي جنهن کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي، جڏهن ته جنرل قمر جاويد باجوه کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش پڻ ڪيو ويو. جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجهي ويندڙ ملاڪا استڪ اعزازي شمشير يافتا جنرل سيد عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ جنرل عاصم منير ان ڇڙي کي هٿ ۾ کڻندي پاڪستان آرمي جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ 17هون آرمي چيف ٿي ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج سان سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ تي رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کي هن عظيم فوج جو سپهه سالار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ۽ هڪ بامقصد زندگي عطا ڪئي جنرل(ر) قمر جاويد باجوه چيو ته آرمي چيف جي ڪمان سنڀاليندڙ جنرل عاصم منير کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد آهي ته سندس ترقي ملڪ ۽ فوج جي ڪاميابي جو سبب بڻجندي. جنرل عاصم منير سان منهنجي سڃاڻپ 24 سال پراڻي آهي هو قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ کان علاوه پيشه ور، باصلاحيت ۽ اعليٰ اصولن جو قابل آفيسر آهي مون کي يقين آهي ته پاڪ فوج سندس قيادت ۾ نيون منزلون عبور ڪندي. سندس مقرري مثبت ثابت ٿيندي. خوشي آهي ته فوج جي اهم ڪمان هڪ مايه ناز ۽ قابل آفيسر جي حوالي ڪري وڃي رهيو آهيان. قمر جاويد باجوه چيو ته اڄ کان 44 سال اڳ منهنجو فوجي سفر شروع ٿيو جيڪو هاڻ ختم ٿي رهيو آهي. رب پاڪ جو شڪر آهي ته مون کي هن بهادر ۽ عظيم فوج ۾ نوڪري جو موقعو مليو ۽ ان جي ڪمان منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. 6 سالن جي دور ۾ ايل او سي جا معاملا، دهشتگردي، امن امان ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏنو. پاڪ فوج منهنجي آواز تي لبيڪ چيو. مون جوانن کان جتي پگهر گهريو اتي رت ڏنو ويو.پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين سبب اڄ ملڪ ۾ امن امان قائم آهي. اڳوڻي آرمي چيف چيو ته مون کي پنهنجي فوج تي فخر آهي. گهٽ وسيلن جي باوجود فوج سياچن کان وٺي سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي، هو لسانيت، رنگ، نسل۽ مذهب کان هٽي ڪري ملڪ جي هر ڪنڊ جو دفاع ڪندي آهي. مون کي يقين آهي ته ايندڙ وقت ۾ فوج جنرل عاصم جي قيادت ۾ ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون ڪندي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته منهنجو فوج سان روحاني رابطو هميشه قائم رهندو، جڏهن فوج کي ڪاميابي ملندي تڏهن مان خوش ٿيندس ۽ جڏهن فوج تي مشڪل وقت ايندو ان وقت منهنجون دعائون اوهان سان گڏ هونديون.

نومبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو