عمران خان چوي ٿو ته سنڌ فتح ڪندس پر سنڌ اچي ڏسي: شرجيل ميمڻ

Spread the love

حيدرآباد/ٽنڊو ڄام (رپورٽر) اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻين کي چور چوندڙ پاڻ  پهرين نمبر جو  چور آهي. حيدرآباد  ۾ پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس جو جلسو ڪوٺايو ويو ، جنهن کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وٽ قربانين ۽ ڪارنامن جي تاريخ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدترين ٻوڏ آئي پ پ پ حڪومت بهتر نموني منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سنڌ فتح ڪندس پر سنڌ اچي ڏسي. شرجيل ميمڻ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملڪ کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوامي جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي آهي ، جڏهن ته پيپلزپارٽي ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي ٻئي پاسي تفصيلي رپورٽ مطابق شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آئي سربراهه عمران خان جي نيب جيل وڃڻ جو اڳڪٿي ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ عمران خان مٿان عوام پاران بيضن ۽ ٽماٽرن سان استعبال ڪندي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ. پ پ جي 55هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ راول هائوس ۾ منقعد جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعت ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان سنڌ فتح ڪرڻ جي دعوى ته ڪري ٿو پر سنڌ جو عوام سندس بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪندو، پهريان عمران کان ايماندار ٿيندو هو، هڪ نمبر جو چور نڪتو ۽ پراڻو چور آهي. چندا چوري، مني لانڊرنگ هن ڪئي، قومي خزاني تي ڌاڙو هن هنيو، توشه خانه جو سامان هن کپائي ڇڏيو، گهڙي چوري ۾ به هن جاهل جي پٽ هيٽرڪ ڪئي. هاڻي چوي ٿو ته سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، پيڪا قانون هن پاڻ آندو، تو ڪنهن ڪنهن کي گرفتار نه ڪرايو، جيڪو عمران خان جي خلاف سياسي ڳالهه ڪندو هو اهو ٻئي ڏينهن نيب هٿان گرفتار ٿي ويندو هو. توکي اڃا نيب جا هٿ ناهن لڳا، تون به انشاءِ الله جلد جيل ۾ هوندين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي گاريون عمران خان ڏنيون، ادارن تي حملا هن ڪرايا، ڇا هي شخص قانون کان مٿاهون آهي. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. هن چيو ته هڪ غيرسياسي شخص عوام کي گهمراهه ڪرڻ ۾ مصروف آهي. 92 وارو ورلڊ ڪپ کٽڻ جي خوشي اسان سڀني کي آهي، ٽيم ۾ يارنهن رانديگر هوندا آهن پر هي سمجهي ٿو مون اڪيلي کٽرايو. هن نوجوان نسل کي ادارن خلاف سازشون ڪرڻ لاءِ گهمراه ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته ڏس عمران خان ٽنڊوڄام ۾ به گهڙي چور ۽ گو نيازي گو جا نعرا لڳي رهيا آهن. هي چوندو آهي آئون سنڌ فتح ڪرڻ ايندس، اچي ڏيکار عوام تنهنجو ڇا حشر ڪندي. عمران خان ٻوڏ متاثرن جي ڪهڙي مدد ڪئي، جتي دنيا ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي اتي عمران خان ٻوڏ متاثرن جا مليل پئسا ئي کائي ويو. هن چيو ته پنڊي ۾ هڪ ننڍڙي تي پتلي تماشو ٿيو، ان جي مقابلي ۾ هي پنڊال ڪيترائي ڀيرا وڏو آهي. فقط ٻن ڏينهن جي نوٽيس تي بلاول ڀٽي جي جيالي جو چيلينج هو، جيڪو بلاول جي ادنى ڪارڪن پورو ڪيو، جلسي گاهه ڀرجي ويو آهي، ماڻهو ٻاهر بيٺل آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي 55هين يوم تاسيس جي موقعي تي تڪ جي عوام سميت پوري پاڪستان جي جيالن ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي، جنهن جي تاريخ آهي، جن جون قربانيون آهن. شهيد قائد مسلم دنيا جي واحد ملڪ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو، آئين ڏنو، مزدورن ۽ هارين کي حق ڏياريا، شهيد محترمه عورتن لاءِ وومين پوليس اسٽيشنز، پهرين وومين بينڪ ڏني، آصف زرداري بلوچستان کي پنهنجا حق ڏنا، پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مشڪل وقت ۾ فيٽف مان پاڪستان جو نالو ڪڍرايو. هن چيو ته تازين برسات ۽ ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي، جنهن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي. پيپلز پارٽي برسات ۽ ٻوڏ ۾ عوام سان گڏ بيٺل رهي، ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو، عوام کي راشن ۽ ٽينٽ مهيا ڪيا. جن جا گهر ڊهي پيا آهي اهي به ٺهرائي ڏنا پيا وڃن. هارين کي ٻج جي مد ۾ روڪ رقم ڏني پئي وڃي. يوم تاسيس جي جلسي کي ايم پي اي امداد پتافي، جاويد ناياب لغاري، راول شرجيل ميمڻ پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ پاران پيپلز پارٽي جي 55هين يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

نومبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو