مٽياري موٽروي اسڪينڊل جي شفاف جاچ ڇو ضروري آھي؟

Spread the love

حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي ايم 6 جي تعمير لاءِ زمين جي خريداري لاءِ مختص رقم مان 2 ارب 17 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو ته اينٽي ڪرپشن پوليس فوري طور مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس نشاندهي تي ڊي سي هائوس ۽ گذريل ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيد آباد منصور عباسي جي رهائشگاھ تان رقم برآمد ڪئي. گذريل ڏينهن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪنفرم نه ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيد آباد منصور عباسي کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو.  هن وقت جاچ شروعاتي مرحلي ۾ آھي اڳتي ڏسجي ته جاچ جو دائرو ڪيترو وسيع ڪجي ٿو ۽ وڌيڪ ڪهڙيون گرفتاريون ٿين ٿيون. اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار اڳوڻي ڊي سي جي نشاندهي تي نيوسعيد ۾ اي سي جي گهر تي ڇاپو هنيو ته اتان 42 ڪروڙ رپيا برآمد ٿيا. حيرت آھي ته هيڏي وڏي رقم سرڪاري گهر ۾ رکي ادسٽنٽ ڪمشنر ته ڪمال ڪري ڇڏيو. هي اربين رپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل سنڌ حڪومت ۽ وفاقي تحقيقاتي ادارن لاءِ ٽيسٽ ڪيس هوندو. هن ڪيس کي منطقي انجام تائين ضرور پهچايو وڃي پر ان سان گڏوگڏ هاڻي سنڌ جي باقي ضلعن جي ڊي سيز ۽ اي سيز جي اڪائونٽس جي جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪي فنڊز کين جاري ڪيا ويا آھن انهن جو آڊٽ ڪيو وڃي. وڏي بدقسمتي چئجي جو ڪرپشن جي حوالي سان رڳو سياستدانن کي خوار خراب ڪيو ويندو آھي پر حقيقت ۾ سياستدانن کي ڪرپشن جا گس اهي ئي ڪامورا ڏيکاريندا آھن ۽ اهي ئي ڪامورا سياستدانن کي ڪرپشن جا گر به سيکاريندا آھن.
مٽياري موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آھي جنهن سان هڪ ته سنڌ جي عوام کي هڪ بهترين سهولت کان محروم رکڻ جو ڏوھ ڪيو ويو آھي ۽ ٻيو ته سڄي دنيا ۾ سنڌ جي بدنامي جو سبب بڻيو آھي. هن معاملي تي ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي ۽ مڪمل طور تي صاف شفاف جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن.

  گذريل ڏينهن واري ڪارروائي حيران ڪندڙ ضرور آھي ته اسڪينڊل کانپوءِ ۽ ڊي سي جي گرفتاري کانپوءِ به اي سي پنهنجي سرڪاري گهر ۾ 42 ڪروڙ رپيا رکيو ويٺو هو. سڀ کان اهم سوال ته اهو آھي ته ڇا اينٽي ڪرپشن ان اسڪينڊل جي صاف شفاف ۽ درست سمت ۾ جاچ ڪندي ڇاڪاڻ ته اينٽي ڪرپشن اداري جي سنڌ ۾ ساک نه هجڻ برابر آھي اهو اينٽي ڪرپشن کاتي کي مڃرائڻو پوندو ته جاچ ۾ ڪٿي به ڏنڊي ناهي لڳائي وئي.

نومبر 29, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو