سنڌ ۾ ھن وقت ڪو بھ نو گو ايريا نه آهي، امن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي: مراد علي شاهه

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) اسپيڪر آغا سراج دُراني  جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته صوبي ۾ ھن وقت ڪوبه نوگو ايريا ناھي، اھو نه ٿو چوان ته حالتون تسلي جوڳيون آھن پر امن امان جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته شڪارپور ۾ ھلندڙ سال دوران 29 ڌاڙيلن کي ماريو ويو آھي جن ۾ 2 اشتھاري ڏوھاري به شامل آھن، ھن وڌيڪ چيو ته ان عرصي دوران 585 ڌاڙيل گرفتار جڏھن ته 63 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آھي. ھن چيو ته اسيمبلين مان استعيفى ڏيڻ سان ڪوبه آئيني بحراب پيدا نه ٿيندو جيڪڏھن خان صاحب اسيمبلي ٽوڙڻ چاھي ٿو ته ٽوڙي ڇڏي، اليڪشن پنھنجي وقت تي ٿيندي. صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته صحت کاتي سنڌ ۾ بايو ميٽرڪ وارو نظام آڻي رهيا آهيون، سنڌ ۾ هيپاٽائٽس جا ٻه لک ڇاونجاهه هزار ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ان اڳ اجلاس دوران جڳ مشهور ڪرڪيٽر جاويد ميانداد سنڌ اسيمبلي پهتو، آغا سراج دراني ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر مڪيش ڪمار چاولا چيو ته جاويد ميانداد جو ٻيانوي واري ورلڊ ڪپ ۾ وڏو ڪردار هو پر اسان ڪو ٻيو اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو.

نومبر 29, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو