آصف زرداري ۽ خالد مقبول صديقي وچ ۾ ملاقات، مڪاني چونڊن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ،+ رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي ڳالهيون پڻ ٿيون. رپورٽ موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ وفاقي وزير امين الحق، صادق افتخار، ڊاڪٽر عاصم ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود هئا.  ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته قومي حڪومت ۾ اسان سڀني کي گڏ وٺي هلي رهيا آهيون ۽ اهائي اسان جي ڪاميابي آهي. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات ۾ سينيٽ ۾ امڪاني عدم اعتماد تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ملاقات ۾ سينيٽ ۾ امڪاني عدم اعتماد تحريڪ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. ملاقات ۾ سينيٽ ۾ امڪاني بي اعتمادي رٿ جي ٽائمنگ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان آصف زرداري کي هر ممڪن تعاون ۽ ملي هلڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

نومبر 29, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو