عمران خان سياسي مخالف آھي دشمن نھ آھي، چونڊن لاءِ سياستدانن سان ڳالھيون ڪري : راڻا ثناءُالله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان جي جلسي ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿي سگهي ان لاءِ کيس مشورو آهي ته اڄ جو جلسو ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽ آهي ته تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿي سگهي ٿو. عمران خان کي مشورو آهي ته سڀاڻي جو جلسو ملتوي ڪري ڇڏي. جلسي گاهه جي سيڪيورٽي لاءِ ايڊوائزري به جاري ڪئي وئي آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته پاڪستان جي پريشانين جو حل، ڪاميابي ۽ ترقي جو راز آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. پاڪ فوج طرفان پنهنجي آئيني ڪردار ۾ رهڻ جو اعلان ملڪ ۽ قوم جي بهتري جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته هڪ سياسي اڳواڻ ان کي چيلنج ڪيو، ڪوڙي آزادي جي نالي تي هڪ ڪوڙي جدوجهد شروع ڪئي، هٿياربند فوج کي مختلف طريقن سان تنقيد جو نشانو بنايو ويو. پر عمران خان کي پنڊي مان چونڊن جي تاريخ نه ملندي. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو ته سياستدانن سان ڳالهيون ڪري، اسٽيبلشمينٽ اوهان کي چونڊن جي تاريخ نه وٺي ڏيندي. اوهان گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪو ڪجهه چيو ان ۾ ڪوبه اوهان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه آيو. جيڪڏهن عمران خان چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان نوازشريف ۽ شهباز سان ملڻ چاهي ٿو ته اهي به انڪار نه ڪندا. وفاقي وزير چيو ته ڊيڊ لاڪ ڳالهين سان ختم ٿيندا آهن. عمران خان اوهان سياستدان بڻجي پي ڊي ايم جي قيادت سان گڏ ويهو، عمران خان اسان جو سياسي مخالف آهي دشمن نه آهي پر عمران خان چوي ٿو ته سياسي مخالفن سان گڏ ويهڻ بجاءِ مرڻ کي اوليت ڏيندس. اهو رويو صحيح نه آهي سياستدان جڏهن ڳالهيون ڪندا آهن ته ڊيڊ لاڪ ٽٽندا آهن. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ هاڻ پنهنجي آئيني رول کان ٻاهر نه ايندي. ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هو سياسي ڪردار ادا نه ڪندا. آرمي چيف عاصم منير جو به ڪردار هو ته فوج جو سياسي رول ختم ٿيڻ گهرجي. آءِ ايس آءِ جي سياسي ونگ ختم ڪرڻ جي حوالي سان اداري کي عمل ڪرڻو آهي.

نومبر 26, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو