عمران خان جي اعلانيل تاريخ کان اڳ آرمي چيف مقرري جو فيصلو ٿي چڪو هوندو: راڻا ثناءُالله
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان جي اعلان ڪيل تاريخ کان اڳ آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ٿي چڪو هوندو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اهو لانگ مارچ نه رينگ مارچ آهي جيڪو رڙهي رهيو آهي. راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جي تاريخ جو سڀني کان ننڍو اجتماع ٿيندو. هن چيو ته آرمي چيف جي جڏهن به مقرري ٿي آهي اهڙي طرح جون حالتون پهريان ڪڏهن به ناهن ٿيون. جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري تي عمران نيازي تماشو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام ٿيو، عمران خان جي اعلان ڪيل تاريخ کان اڳ آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ٿي چڪو هوندو. گهرو وزير چيو ته عمران خان جي عمل کي پوري طاقت سان رد ڪرڻ تمام ضروري هو نه ته هر 3 سالن کان پوءِ لانگ مارچ شروع ٿي وڃن ها.
نومبر 22, 2022