حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروعات، عمران خان گهڙيون کپائڻ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي: شرجيل ميمڻ
حيدرآباد (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت جي خاص هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتو پيپلزبس سروس شروع ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي اها واحد پارٽي اهي جيڪا هر مشڪل گهڙي ۾ ڪارڪنن کان وٺي اعليٰ قيادت تائين عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي هن چيو ته پوري سنڌ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن اهڙواظهار هن حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ وٽ پيپلز بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته ٻوڏ دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سميت سمورا صوبائي وزير ۽ ڪارڪن ماڻهن جي خدمت لاءِ موجود رهيا. هن چيو ته حيدرآباد۽ لطيف آباد کان ڪچرو کڻڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ بورڊ صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي جڏهن ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ جي تحت اڳئي ڪچرو کڻڻ وارو ڪم جاري آهي جڏهن ته پيپلزبس سروس ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڳئي موجود آهي ۽ اڄ کان حيدرآباد ۾ پڻ پيپلزبس سروس جي شروع ڪئي وئي آھي ۽ ايندڙ مهيني کان سکر ۾ به پيپلزبس سروس شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي حيدرآباد جي ترقي لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا آهن جنهن سان حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر بهتر ٿي سگهندو هن چيو ته دنيا ۾ پهريون دفعو ٻوڏ کان متاثرٿيل 20 لک ماڻهن کي سنڌ حڪومت گهر ٺاهي ڏيندي جڏهن ته هارين کي به ڪڻڪ جي پوکي لاءِ في ايڪڙ 5 هزار رپيا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتن جو ڪم عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ آهي هن چيو ته پيپلزبس سروس جو جو معمولي ڀاڙو 20 کان 50 رپيا تائين رکيو ويو آهي جڏهن ته پهريائين ٽي ڏينهن پيپلزبس سروس ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن کان ڪو به ڀاڙو وصول نه ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو انهن بسن کي پنهنجون بسون سمجهندي انهن جي حفاظت ڪن ڇاڪاڻ ته اها بس سروس سندن ئي ٽيڪسن مان مهياڪئي وئي آهي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گهڙي چور هٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي اسان سمجهندا هئاسين ته هڪ گهڙي چوري ڪئي وئي آهي ، گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ خبر پئي ته 3 گهڙيون وڪرو ڪيون ويون هيون هن چيو ته هي گهڙي چور ايترو ته ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي جڏهن وزير آباد ۾ حملو ٿيو يا ڪرايو ويو ته ان وقت سندس ڊاڪٽر ٻڌايو ته عمران نيازي کي هڪ گولي لڳي آهي پوءِ ڪجهه تڪراري بيانن بعد پاڻ ٽي وي چينل تي اچي ٻڌائي ته کيس چار گوليون لڳيون آهن ، چار گوليون کائڻ وارو سپر مين 150 ڪلو ميٽر جي فاصلي ۾ سمورين اسپتالن کي ڇڏي لاهور جي ڪينسر اسپتال ۾ پنهنجو علاج ڪرائڻ پهتو. هن چيو ته هن وقت عمران خان ۽ سندس ٽيم سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. هن چيو ته هن شخص کي اها به خبر نه آهي ته پاڪستان جي باشعور عوام کي بي وقوف نٿو بڻائي سگهجي. هن چيو ته عمران نيازي پهرين پاڻ زبردستي اسٽيبلشمنٽ ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ هاڻي جڏهن اسٽيبلشمنٽ نيوٽرل آهي ته ان کي تڪليف آهي. هن چيو ته عمران نيازي پوري قوم کي چيو آهي ته ان کي امريڪا جي سازش جي ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو ۽ قوم ۾ امريڪا لاءِ مفني پروپيگنڊا پيدا ڪئي ۽ بعد ۾ يوٽرن ورتو ته امريڪا سان اسان جو ڪو به مسئلو ناهي عمران نيازي جي رڳ رڳ ۾ ڪوڙ آهي ، هي نوجوان نسل لاءِ ڪينسر ثابت ٿيو آهي هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت سان سنڌ سميت چئني صوبن ۽ پوري پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهيندي.هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد شهر مان 50 سيڪڙو سيٽن تي بنا مقابلي چونڊجندي ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد جو ميئر به پي پي پي جو جيالو ٿيندو جهڙي طرح مڪاني چونڊن جي 50 سيڪڙو سيٽن تي مخالفن کي اميدوار نه مليو انشاا لله ايندڙ عام چونڊن ۾ به کين اميداور نه ملندو هن چيو ته پاڪستنا پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد جي عوام لاءِ پيپلزبس سروس هڪ تحفو اهي ۽ تمام جلد حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ ٻين روٽن تي به اها سروس شروع ڪئي ويندي تقريب ۾سنڌ جي وڏي وزير جي حيدرآباد جي معاملن بابت خاص معاون ۽ پي پي پي ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي ، پي پي پي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري عاجز ڌامراهه ، ايم اين اي سيد طارق حسين شاهه ، ايم پي اي حنا دستگير ، قاضي پاشا ، اطلاعات سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن احسان ابڙو ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان يممڻ ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ، ايم ڊي ماس ٽرانزٽ ڪيپٽن الطاف حسين ساريو ، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ،اختیار احمد خانزادہ،حاجی غلام نبی کوری، پی اےاعجاز کوسوکان علاوه پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام وڏي انگ ۾پڻ موجود هئا۔
نومبر 20, 2022