سيوهڻ ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن جي وين سان حادثو، 20 اجل جو شڪار

Spread the love

سيوهڻ(رپورٽر)سيوهڻ ويجهو قلندر جي پانڍيئڙن جي وين ڪلٽي ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.  قلندر جي پانڍيئڙن جي وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ويهه کان مٿي ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن.  کڏ جو پاڻي وڏو هجڻ جي ڪري سڄي وين پاڻي ۾ ٻڏي وئي، ڪيترائي پانڍيئڙا اڃا به وين ۾ هجڻ جا اطلاع آهن.  حادثي جو اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيمن ماڻهن کي پاڻي ۾ ٻڏل وين مان ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.  مسافر وين ۾ ويهه کان مٿي ماڻهو سوار هئا جيڪي ڄامشوري کان دادو وڃي رهيا هئا ته وين حادثي جو شڪار بڻجي وئي. جڏهن ته ٻڏل وين مان ڪيترن ئي ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي جن کي طبي امداد جي لاءِ عبدالله شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي سبب فوت ٿيلن ۽ بيهوشين ۾ ٻار به شامل آهن. واقعي کانپوءِ سيوهڻ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نومبر 18, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو