2023ع جي چونڊن ۾مون کي ٽڪيٽ ملي ته بلاول ڀٽو کي فائدو ٿيندو: بئريسٽر ھالار منظور وساڻ
ڪراچي (انٽرويو: زوھيب زرداري) پيپلزپارٽي جي نوجوان اڳواڻ بئريسٽر ھالار منظور وساڻ چيو آھي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان پارٽي کان 3 ٽڪيٽون وٺنداسين، ايم پي اي يا ايم اين اي لاءِ چونڊ وڙھڻ بابت فيصلو منظور وساڻ جي مرضي جو هوندو. سنڌ امر ڊجيٽل جي پروگرام دي اوپينيئن ۾ اينڪرپرسن زوهيب زرداري کي انٽرويو ڏيندي بئريسٽر هالار منظور وساڻ چيو ته 2008 واري اليڪشن ۾ خيرپور ضلعي ۾ اسان ايتريون سيٽون نه کٽيون هيون جيتريون هاڻي کٽيون آھن، اهو سڀ عوام جي اعتماد جو ثبوت آھي ته خيرپور ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پيپلزپارٽي جا آھن. هن چيو ته وساڻ خاندان خيرپور ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آھي. ڇا منظور وساڻ وانگر اوهان به سياسي خواب ڏسندا آھيو؟ هن سوال جي جواب ۾ هالار وساڻ چيو ته منظور وساڻ سياسي تجزيو ڪندا آھن ۽ تجربي جي بنياد تي سياسي حالتن بابت معلومات ڏيندا آھن جنهن کي خواب جو نالو ڏنو ويو آھي، منهنجي عمر خواب ڏسڻ واري ناهي جڏھن ايم پي اي يا ايم اين اي ٿيندس ته پوءِ خواب ڏسندس. ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندس ڇاڪاڻ ته ڪو پڙھيل لکيل ۽ بئريسٽر نوجوان عوام جي نمائندگي ڪندو ته اهو وڌيڪ بهتر آپشن هوندو. مطلب اوهان پاڻ کي منور وساڻ کان بهتر آپشن سمجهو ٿا؟ اينڪرپرسن زوهيب زرداري جي سوال تي هلار وساڻ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو ته مان ايئن نه پيو چوان منور وساڻ سٺو ڪم ڪري پيو پر مون کي ٽڪيٽ ملي ته بلاول ڀٽو کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته وساڻ فيملي وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن منظور وساڻ جي مرضي هوندي ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ ايم پي اي يا ايم اين اي لاءِ جنهن تي وڻي چونڊ وڙھندو. 2023 جي اليڪشن ۾ اسان وساڻ پارٽي کان 3 ٽڪيٽن جي گھر ڪنداسين، پ پ پ مون کي پير ڳوٺ واري تڪ تي چونڊ وڙھڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني ته چونڊ وڙھندس انڪار نه ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هالار منظور وساڻ چيو ته خيرپور ضلعي ۾ 680 ملي ميٽر برسات وسي هئي تنهن ڪري کجين جا باغ تباھ ٿيا آھن ۽ گهر ڊھي ويا. سنڌ حڪومت جي اپائن سبب ھاڻي حالتون بهتر ٿي چڪيون آھن. ٺري مير واھ ۽ ڪوٽڏيجي تعلقا وڌيڪ متاثر ٿيا، سم نالن جي کاٽي ٿيل هجي ها ته ايتري تباھي نه اچي ها. هن چيو ته آبپاشي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتن کي ايندڙ وقت لاءِ بهتر پلاننگ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻيھر اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي. ھالار منظور وساڻ مطالبو ڪندي چيو ته سم نالن جي کاٽي ٿيڻ گهرجي ۽ مڇيءَ جي تلائن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. هالار وساڻ جو چوڻ ھو ته کجين جي آبادگارن کي سندن نقصان عيوض 30 هزار رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا.
نومبر 17, 2022