سنڌ ڪابينا ٻوڏ سان تباھھ ٿيل گھرن جي تعمير جي لاءِ 50 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاھ ھدايتون ڪيون تھ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس دوران مراد علي شاھ پاران ڪابينا کي ھدايتون جاري ڪيون ويون، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن کانسواءِ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، 19 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو طريقيڪارآخري مرحلن ۾ آهي، پ پ چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي ٻج ڏيڻ لاءِ في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا جلد ڏيڻ شروع ڪيا ويندا. ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊ لاءِ ٻين صوبن مان پوليس گهرائڻ ممڪن ناهي، سنڌ سرڪار ٻن مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو، ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدن تي عمل ٿئي پيو. صوبائي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن، جيڪو معاهدو ڪيو آهي، ان تي عمل ڪيو پيو وڃي. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 3.6 ملين ايڪڙ تي تيار فصلن کي نقصان پھتو آھي، جڏھن ته ھارين کي 421 ارب روپين جو نقصان ٿيو آھي. منظور وساڻ ٻڌايو ته ڪڻڪ مفت ٻج جي فراھمي شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي جنھن جي لاءِ 13.5 ارب روپيا گھربل ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 8.39 ارب روپيا جڏھن ته وفاقي حڪومت 4.7 ارب روپين جو حصو وڌو. 5 ھزار روپيا في ايڪڙ جي تحت معاوضي جي لاءِ فنڊز جي طريقيڪار بابت ڳالھائيندي منظور وساڻ چيو ته تعلقي ۽ ضلعي ڪميٽيون جوڙيون ويون آھن جڏھن ته ڊي جي زراعت جي نگراني ھيٺ ھڪ صوبائي ڪميٽي قائم ڪئي وئي ھئي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ٻيا ميڊيا پريڪٽيشنرز ايڪٽ 2021 صوبائي اسيمبلي لاڳو ڪيوآھي ۽ آگسٽ 2021 ۾ نوٽيفائي ڪيو ويو ھو جڏھن ته رولز کي بھ نوٽيفائي ڪيو ويو آھي. شرجيل ميمڻ رٽائرڊ جسٽس رشيد رضوي جي سربراھي ۾ ھڪ 14 رڪني ڊرافٽ ڪميشن پيش ڪيو، جنھن ۾ چار سرڪاري ميمبر جنھن ۾ سيڪريٽري اطلاعات، گھرو سيڪريٽري، قانون وارو سيڪريٽري جڏھن ته نو غير سرڪاري ميمبر آھن.

نومبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو